چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان تاجڪستان جي بچاءَ واري وزير جي ملاقات

راولپنڊي-12 نومبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي (سي جي سي ايس سي) جنرل ساحر شمشاد مرزا سان تاجڪستان جي بچاءَ واري وزير ڪرنل جنرل سوبرزاده امام علي عبدالرحيم جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. ٻنهي ڌُرين ٻه طرفن دلچسپي وارن معاملن خاص ڪري موجوده عالمي ۽ علائقائي سلامتي جي ماحول تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي سهڪار جي …

راولپنڊي-12 نومبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي (سي جي سي ايس سي) جنرل ساحر شمشاد مرزا سان تاجڪستان جي بچاءَ واري وزير ڪرنل جنرل سوبرزاده امام علي عبدالرحيم جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. ٻنهي ڌُرين ٻه طرفن دلچسپي وارن معاملن خاص ڪري موجوده عالمي ۽ علائقائي سلامتي جي ماحول تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي سهڪار جي دائري ڪاري ۽ سطح کي وڌيڪ وڌائڻ جي قدمن جو پڻ جائزو ورتو. ڪالهه آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب چيئرمين سي جي سي ايس سي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان ڀائر ملڪن طور پنهنجي دفاعي ناتن کي مضبوط، هٿي وٺرائڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعميري طور تي مصروف عمل آهن. معزز مهمان دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت ۽ ڪاميابين کي ساراهيو. ان کان اڳ ٽنهي هٿياربند فوج جي چست جٿي معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.

مزید خبریں