حڪومت مقامي سيمي ڪنڊڪٽر صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سيمي ڪنڊڪٽر چپ ڊزائين ۾ 7200 پيشيور ماڻهن کي تربيت ڏيڻ لاءِ 4.5 ارب رپين جو منصوبو بڻائي رهي آهي: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته حڪومت مقامي سيمي ڪنڊڪٽر صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ طرف هڪ وڏي قدم طور سيمي ڪنڊڪٽر چپ ڊزائين ۾ 7200 پيشيور ماڻهن کي تربيت ڏيڻ لاءِ 4.5 ارب رپين جو منصوبو بڻائي رهي آهي. هوءَ مارگله ڊائلاگ 2025ع کي خطاب ڪري رهي هئي. جنهن جو موضوع ”الگورٿمڪ وار: اي آءِ ڪهڙيءَ …

اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته حڪومت مقامي سيمي ڪنڊڪٽر صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ طرف هڪ وڏي قدم طور سيمي ڪنڊڪٽر چپ ڊزائين ۾ 7200 پيشيور ماڻهن کي تربيت ڏيڻ لاءِ 4.5 ارب رپين جو منصوبو بڻائي رهي آهي. هوءَ مارگله ڊائلاگ 2025ع کي خطاب ڪري رهي هئي. جنهن جو موضوع ”الگورٿمڪ وار: اي آءِ ڪهڙيءَ طرح اثر ۽ سلامتي جي نئين تعريف ڪري رهيو آهي“ هو. هن چيو ته وزيراعظم قومي سيمي ڪنڊڪٽر جي مهارت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ انسپائر قدمن سميت ڪيترن ئي اربين رپين جا پروگرام شروع ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته سڄي ملڪ ۾ پبلڪ سيڪٽر جي مالي معاونت سان هلندڙ هاءِ ٽيڪ ٽريننگ پروگرام پهريان ئي ساليانو 5 لک نوجوانن کي تربيت ڏين ٿا جيڪي پاڪستان کي مستقبل جي چئلينجن ۽ موقعن لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ اهم انساني وسيلا تيار ڪن ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ٽيڪنالاجي ۽ نان ٽيڪنالاجي ٻنهي شعبن ۾ ٽيلنٽ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي افرادي قوت جي مستقبل تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهي ڪوششون صنعتن ۾ ملڪ جي چٽاڀيٽيءَ لاءِ اهم آهن. عالمي اي آءِ انقلاب تي روشني وجهندي هن چيو ته دنيا هڪ اهڙي موڙ تي پهچي چڪي آهي جتي مصنوعي ذهانت هاڻي صرف ٽيڪنالاجي يا معاشي ڪارڪردگي بابت ناهي پر اي آءِ قومي سلامتيءَ جو معاملو بڻجي ويو آهي، جيڪو عالمي ترجيحن کي متاثر ڪري ٿو ۽ مستقبل جي حڪمت عملين کي جوڙي ٿو. هن چيو ته اي آءِ جا هاڻ جيو اسٽريٽجڪ اثر آهن جيڪي قومي زندگيءَ جي هر پهلو کي متاثر ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٽيڪنالاجي پاڪستان جي معيشت، ماليات، صحت جي سارسنڀال، زراعت ۽ مينيوفيڪچرنگ کي تبديل ڪري رهي آهي ۽ ان کي ملڪ جي مستقبل لاءِ مرڪزي حيثيت حاصل ٿي رهي آهي. هن قومي سلامتي جي هڪ ٿنڀ طور تي اي آءِ جي ڪردار کي نمايان ڪيو جنهن ۾ سائبر سيڪيورٽي سڀ کان اهم آهي. هن فعال فيصلي سازي، اڳڪٿي ڪندڙ تجزين، خطرن بابت مضبوط ڄاڻ ۽ ڊجيٽل خطرن کان بچاءُ لاءِ عالمي سهڪار تي زور ڀريو. شزه فاطمه خواجه سائبر خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ صنعت، تعليمي ادارن ۽ پبلڪ سيڪٽر وچ ۾ سهڪار جي اهميت تي زور ڀريو. هن وڌيڪ چيو ته وزرات پهريان ئي اعليٰ ڪارڪردگي وارن ڪمپيوٽنگ انفراسٽرڪچر جي قيام، نيشنل آرٽيفيشل انٽيليجنس ايڊوانسمينٽ انيشيئٽو شروع ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ڊجيٽل سيڪيورٽيءَ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ نجي شعبي جي ڪوششن جي حمايت ڪرڻ جو بنياد رکيو آهي.

مزید خبریں