صدر آصف علي زرداري سان فلپائن جي اڳوڻي صدر ۽ پارليامينٽ ميمبر گلوريا مڪپاگال جي ملاقات

اسلام آباد - 12 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان فلپائن جي اڳوڻي صدر ۽ پارليامينٽ ميمبر گلوريا مڪپاگال ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۽ فلپائن ست ڏهاڪن تي ٻڌل دوستي ۽ تعاون جي رشتي ۾ ٻڌل آهن. هن 2022ع جي دفاعي تعاون جي معاهدي کي هڪ سنگ ميل قرار ڏيندي …

اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان فلپائن جي اڳوڻي صدر ۽ پارليامينٽ ميمبر گلوريا مڪپاگال ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۽ فلپائن ست ڏهاڪن تي ٻڌل دوستي ۽ تعاون جي رشتي ۾ ٻڌل آهن. هن 2022ع جي دفاعي تعاون جي معاهدي کي هڪ سنگ ميل قرار ڏيندي فلپائن کي 2026ع ۾ آسيان چيئرشپ سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر فلپائن پاران پاڪستان جي آسيان شموليت جي لاءِ حمايت کي ساراهيو ۽ فلپائن ۾ تازي زلزلي ۽ طوفان ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان مشڪل وقت ۾ فلپائن جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. صدر ماحوليات ۽ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ ۾ فلپائن جي ڪردار کي ساراهيو ۽ خوراڪ ۽ دوائن جي شعبن ۾ واپاري لاڳاپا وڌائڻ تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري چيو ته نجي شعبي جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن فلپائن پاران پاڪستانين کي ڊگهي مدي وارا رهائشي اجازت ناما ڏيڻ جي فيصلي کي ساراهيو. ان موقعي تي گلوريا مڪپاگال پاڪستان سان واپار، دفاع ۽ عوامي رابطن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. گلوريا مڪپاگال چيو ته سندس والد 1959ع ۾ پاڪستان جو فلپائن جي صدر جي حيثيت سان دورو ڪيو هو. هن چيو ته پاڪستان ۽ فلپائن جي وچ ۾ پراڻي احترام ۽ دوستي جا لاڳاپا قائم آهن. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي ملڪ جي حيثيت سان گلوبل سائوٿ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري. ملاقات ۾ فلپائن جو سفير مينيوئل فرنانڊيز پڻ موجود هو جڏهن ته سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سينيٽر شيري رحمان ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا.

مزید خبریں