ميثاق جمهوريت ۾ آئيني عدالت قائم ڪرڻ جو خواب 19 سالن کانپوءِ پورو ٿيو آهي، افغانستان پنهنجي سرزمين کي پاڪستان جي خلاف استعمال ڪرڻ کان روڪي، قومي يڪجهتي ۽ وفاق جي لاءِ 100 ڪالاباغ ڊيم به قربان آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ميثاق جمهوريت ۾ آئيني عدالت قائم ڪرڻ جو خواب 19 سالن کانپوءِ پورو ٿيو آهي، افغانستان پنهنجي سرزمين کي پاڪستان جي خلاف استعمال ڪرڻ کان روڪي، فتنه الخوارج ۽ پاڪستان جي دشمنن کي اطمينان ۽ پوري قوت سان چوڻ چاهيون ٿا ته انهن جي حرڪتن جي اسان کي چڱي طرح ڄاڻ آهي، اڳ ۾ به …

اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ميثاق جمهوريت ۾ آئيني عدالت قائم ڪرڻ جو خواب 19 سالن کانپوءِ پورو ٿيو آهي، افغانستان پنهنجي سرزمين کي پاڪستان جي خلاف استعمال ڪرڻ کان روڪي، فتنه الخوارج ۽ پاڪستان جي دشمنن کي اطمينان ۽ پوري قوت سان چوڻ چاهيون ٿا ته انهن جي حرڪتن جي اسان کي چڱي طرح ڄاڻ آهي، اڳ ۾ به منهن ٽوڙ جواب ڏنو هو ۽ هاڻي به منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، خواهش آهي پاڪستان سميت پورو خطو ترقي ۽ خوشحالي جو ڳڙهه بڻجي وڃي، قومي يڪجهتي ۽ وفاق جي لاءِ 100 ڪالاباغ ڊيم به قربان آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ 27هين آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ هن ايوان يڪجهتي جو اظهار ڪندي قومي اتحاد ۽ ٻڌيءَ کي فروغ ڏنو آهي جنهن تي سمورين سياسي پارٽين ۽ انهن جي قائدين جو ٿورائتو آهيان، ڪالهه اسان جو انتهائي شفيق ساٿي سينيٽر عرفان صديقي الله کي پيارو ٿي ويو، هو استادن جو استادن هو ۽ پوري زندگي لکڻ پڙهڻ ۾ گذاري، جڏهن سياست جي ميدان ۾ قدم رکيو ته ذميواري ۽ عزم سان مسلم ليگ جو ساٿ نڀايو، قائد نواز شريف سان سندس وابستگي ضرب المثل هئي، الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. هن چيو ته ڪالهه وانا ۾ دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي بازار گرم ڪرڻ جي ڪڌي حرڪت ڪئي، ان واقعي اي پي ايس سانحي جي ياد تازي ڪئي، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته خوارج جنهن ۾ بدقسمتي سان افغانستان جا ماڻهو شامل هئا، اهي سڀ کان سڀ جهنم ڀيڙو ٿيا ۽ سمورن ڪيڊٽس ۽ استادن کي حفاظت سان ڪڍيو ويو، آئون ان تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ هٿياربند فوج جا ٿورا ادا ڪريان ٿو جن اعليٰ پيشيواراڻي ذميوارين جي ادائيگي جو مظاهرو ڪيو، اهڙي طرح ڪالهه اسلام آباد ۾ دهشتگردي جو افسوسناڪ واقعو ٿيو، دهشتگردن جوڊيشل ڪمپليڪس کي نشانو بڻايو ۽ افراتفري ۾ پنهنجو پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جنهن ۾ وڪيلن سميت 12 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ 4 موت ۽ زندگي جي ڪشمڪش ۾ آهن، اسان سمورن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، اها ڪا لڪل ڳالهه نه آهي ته انهن واقعن ۾ خارجي هٿ نمايان آهن، ڪالهه مون بيان ڏنو ته فتنه الخوارج ۾ هندستاني هٿ شامل آهي ۽ ان ۾ بدقسمتي سان اسان جي پاڙيسري ملڪ افغانستان جا فٽ پرنٽ نظر اچي رهيا آهن، ان تي ڀارت جي حڪومت پاران ٽوئيٽ آيو ته الزام غلط آهن. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملي جا ثبوت اسان پوري دنيا آڏو کڻي آياسين ته ڪهڙي طرح ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي افغانستان مان متحرڪ هئا ۽ دهشتگردن جو رابطو انهن سان هو ۽ اڳتي انهن جو رابطو ڀارت ۾ انهن جي حمايتين سان هو، اهي حقيقتون اسان پوري دنيا آڏو پيش ڪيون جنهن کي ڪنهن چئلينج نه ڪيو ۽ نه ئي ان جي ترديد ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو فتنه الخوارج ۽ پاڪستان جي دشمنن کي اطمينان ۽ پوري قوت سان چوڻ چاهي ٿو ته انهن جي حرڪتن جي اسان کي چڱي طرح ڄاڻ آهي، انهن کي اڳ ۾ به منهن ٽوڙ جواب ڏنو هو ۽ هاڻي به منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه ۾ انهن جي قطعي طور تي رڪاوٽون وجهڻ نه ڏنيون وينديون، تازو ئي دوحه ۽ استنبول ۾ امن ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ پاڪستان شرڪت ڪئي، اسان جي افغانستان جي عبوري حڪومت سان هڪ ئي شرط هئي ته ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ دهشتگرد گروپن کي افغانستان جي سرزمين پاڪستان، پاڪستان جي عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز جي خلاف استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي، روزانو اسان جي فوج بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ انهن جو مقابلو ڪري رهي هوندي آهي، روزانو اسان جا آفيسر ۽ جوان شهيد ٿي رهيا آهن، پاڪستان جا عظيم جوان شهادت ماڻيندي پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪن ٿا پر لکين ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچائين ٿا، ان کان وڏي قرباني ڪا ٿي ئي نه ٿي سگهي جنهن جي جيتري به ساراهه ڪئي وڃي گهٽ آهي، اسان چاهيون ٿا ته امن قائم ٿئي ۽ افغانستان امن ۾ برابر شريڪ ٿئي ڇو ته اسان سمجهون ٿا ته جيڪو پاڪستان لاءِ سٺو آهي اهو افغانستان جي لاءِ به سٺو آهي پر اهو نه ٿو ٿي سگهي ته اهي ڪوڙا سچا واعدي ڪري ۽ پوءِ انهن گروپن کي لغام نه ڏي، هڪ مهينو اڳ جڏهن پاڪستان تي حملو ٿيو ته انهن جو پرڏيهي وزير متقي دهلي ۾ هو، جن افغان ڀينرن ڀائرن کي 40 سالن تائين پاڪستان پنهنجي وسيلن سان ڪنهن ٻاهرئين امداد کانسواءِ امداد ڏني ۽ انهن کي محسوس ٿيڻ نه ڏنو ته اهي هتي پرايا آهن ۽ اها مهمان نوازي اسان ڪندا رهنداسين جيستائين اهي سڪون سان پنهنجي گهرن ڏانهن نه ٿا هليا وڃن، 40 سالن جي مهمان نوازي جو صلو اسان کي ڏنو ويو آهي، اهو پوري دنيا ڏسي رهي آهي، افغان عملدارن جي دهلي جي دوري جا پيغام اسان کي چڱي طرح سمجهه ۾ اچي رهيا آهن، انهن دعوت ڏني ته سچي دل سان اسان سان گڏ ويهو ۽ دهشتگردن کي لغام ڏيو اسان سان واعدو ڪريو ته پوري طرح اسان سان گڏ هلندا ته جيئن خطي ۾ امن ٿئي ۽ پاڪستان سميت پورو خطو ترقي ۽ خوشحالي جو ڳڙهه بڻجي وڃي. وزيراعظم چيو ته اڄ جيڪي ترميمون منظور ٿيون آهن ان حوالي سان هو سڀ کان پهرين صدر آصف علي زرداري جا خصوصي طور تي ٿورا ادا ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ خصوصي طور تي پنهنجي قائد ميان محمد نواز شريف جا به ٿورائتا آهيون جيڪو پاڻ هتي آيو ۽ اڄ هن پوري ڪارروائي ۾ شريڪ رهيو، آئون بلاول ڀٽو زرداري، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، چوڌري سالڪ حسين، عبدالعليم خان، اعجاز الحق ۽ ايمل ولي خان جا پڻ ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو، اهڙي طرح اسان اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، نائب وزيراعظم، قانون واري وزير، اٽارني جنرل، اسٽينڊنگ ڪميٽين ۽ ان عمل ۾ شريڪ سمورن اهلڪارن جا پڻ ٿورائتا آهيون جن وڏي تيزي سان انهن ترميمن تي مشاورت سان ڪم ڪيو ان مشاورت جي نتيجي ۾ اهي ترميمون اڄ آئين جو حصو بڻجي ويون آهن. وزيراعظم چيو ته ميثاق جمهوريت ۾ وڏي واضح انداز ۾ آئيني عدالت قائم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو هو اڄ اهو خواب 19 سالن کانپوءِ پورو ٿيو مون کي پورو يقين آهي ته اڄ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي روح کي تسڪين ملي رهي هوندي ۽ منهنجي قائد ميان محمد نواز شريف جي خواب جي تڪميل ٿي. وزيراعظم چيو ته 19 سال مُخالف ڌُر کي ميثاق جمهوريت ياد نه آئي، اڄ انهن کي آئيني عدالت تي تڪليف ڇو ٿي رهي آهي، اهو سمجهه کان مٿي آهي، اختلاف ڪرڻ حق آهي اسان ان جو احترام ڪريون ٿا پر گارگند ۽ الزام بازي کي اسان کي ختم ڪرڻو پوندو، اسان کي ملڪ کي اڳتي وٺي هلڻو آهي هن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته جڏهن ڀارت کي پاڪستان چار ڏينهن جي معرڪي ۾ شڪست ڏني ۽ پاڪ فوج جو نالو پوري دنيا ۾ چمڪيو ته ان جي نتيجي ۾ چيف آف آرمي اسٽاف کي هن حڪومت فيڊل مارشل جو لقب ڏنو انهن ئي ڏينهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ هڪ وفد آمريڪا، يورپ جو دورو ڪيو ۽ انهن شاندار سفارتڪاري ڪئي ۽ پنهنجي سفارتي مهارت جي ذريعي اتي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو، ڏهاڪن کانپوءِ اسان جنگ کٽي ۽ سفارتي محاذ تي پڻ ڪاميابي ماڻي، ڀارت بلڪل بيوسي جي تصوير بڻيل رهيو، مودي بلڪل بيوسي جو شڪار هو، اڄ هو اڪيلائپ جو شڪار آهي، اسان کي ان حوالي سان پوري طرح قومي يڪجهتي ۽ قومي اتحاد کي برقرار رکڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته هو چيف جسٽس آف پاڪستان يحييٰ آفريدي جا پڻ ٿورا ادا ڪرڻ چاهي ٿو، هن آئين جي دائري ۾ رهي ڀرپور مدد ڪئي، مون ان وٽ وڃي کيس ٻُڌايو ته سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ ۽ هيٺئين عدالتن ۾ ريوينيو جا ڪيسز 10، 10 سالن کان التوا ۾ پيل آهن، چيف جسٽس ڪمال مهرباني سان ان جو نوٽيس ورتو، بنا خوف ۽ ترديد چئي سگهان ٿو ته ان اجلاس جي نتيجي ۾ ميرٽ تي انهن عدالتن فيصلا ڪيا ۽ اڄ قومي خزاني ۾ اربين رپيا اچي چڪا آهن، اسان ان ڳالهه جي به وضاحت ڪرڻ چاهيون ٿا ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ئي جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان، سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۽ لاء اينڊ جسٽس ڪميشن جهڙن ادارن جي بدستور سربراهي ڪندو رهندو،  ان جي ذريعي اسان کي ان جي رهنمائي حاصل رهندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي معرڪه حق ۾ جيڪا شاندار ڪاميابي الله تعاليٰ عطا فرمائي، ڀارت کان اسان اهي قرض لاٿا ۽ بدلا ورتا جو شايد ڏسندڙ اک دنگ رهجي وئي، ٻڌندڙ ڪنن کي يقين نه اچي رهيو هو پر اهو الله تعاليٰ جو اسان تي تمام وڏو فضل ۽ ڪرم هو، اڄ اسان جنهن به ملڪ ۾ وڃون ٿا اتي ڪهڙي طرح پنج قدم اڳتي هلي پاڪستان جي آجيان ڪئي وڃي ٿي ۽ ان کان وڏي ٻي عزت ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عزت کي الله تعاليٰ پنهنجي ڪمال مهرباني سان چار چنڊ لڳايا، ان جي لاءِ جرئتمنداڻا فيصلا ٿيا اهو جري ڪردار ۽ اخلاص جو نتيجو آهي، اهو گڏيل مشاورت جو نتيجو آهي، اهو الله تعاليٰ تي ايمان جو نتيجو آهي، اهو فجر جي وقت الله جي آڏو سجدو ڪري دعا گهرڻ جو نتيجو آهي، دليري جو نتيجو آهي ته اڄ پاڪستان کي الله تعاليٰ سفارتي معاشي ۽ عسڪري محاذ تي عزت ڏني آهي ۽ ان کان اڳ ڏهاڪن تائين پاڪستان کي اهڙي طرح جي عزت نصيب نه ٿي، انهي جي ڪري حڪومت سمورين اتحادي پارٽين جي مشاورت سان سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جو اعزاز ڏنو ته پوري قوم ان کي ساراهيو ۽ اڄ جيڪڏهن ان کي آئيني تحفظ ڏيڻ جي لاءِ آئيني ترميم جو حصو بڻائي رهيا آهيون ته ان ۾ ڪا خراب ڳالهه نه آهي، قومون پنهنجي هيروز کي ائين ئي عزت ڏينديون آهن پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي ڏينهن رات ياد ڪنديون آهن. هن چيو ته پاڪستاني وڏي عظيم ۽ بهادر قوم آهي اسان پنهنجي هيروز کي پنهنجي شهيدن کي عزت ڏيڻ ۽ عزت ڪرائڻ به ڄاڻون ٿا. وزيراعظم چيو ته بلاول ڀٽو زرداري منهنجي لاءِ انتهائي ويجهو ساٿي آهي ۽ ننڍي ڀائرن وانگر آهي. هن پنهنجي تقرير ۾ تمام سٺيون ڳالهيون آهن، هن وڏي پرجوش ۽ لاڳاپيل تقرير ڪئي آهي ۽ مون کي به سٺي لقبن سان نوازيو آهي، ان تي آئون سندس ٿورائتو آهيان، سندس ۽ منهنجي سوچ ۾ ڪو فرق نه آهي جيڪڏهن صوبا مضبوط ٿيندا ته وفاق مضبوط ٿيندو، اهي چار ڌُريُون گڏجن ٿيون ته پاڪستان ٺهي ٿو، اهو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته مشاورت کانسواءِ 18هين ترميم يا اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪا ترميم ٿي سگهي، اسان کي ان جو پوري طرح احترام آهي. هن چيو ته صوبا جيتري به ترقي ڪن، اسان کي خوشي ٿيندي، ان ۾ ڪا ٻي راءِ نه آهي، جنهن شيءَ سان پاڪستان ۽ وفاق مضبوط ٿئي ٿو، آئون ان سان گڏ آهيان جيڪا شيءَ پاڪستان ۽ وفاق کي ڪمزور ڪري ٿي اها قبول نه آهي. هن چيو ته جيڪا شيءَ پاڪستان جي لاءِ ڪارائتي نه آهي جهڙوڪ ڪالاباغ ڊيم آهي جيڪڏهن ان تي اتفاق راءِ نه آهي ته قومي يڪجهتي تي 100 ڪالاباغ ڊيم به قربان آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جو مقابلو پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي ڪنداسين، سڀ کان وڌيڪ قربانيون اهي ڏئي رهيا آهن، پوري ملڪ ۾ امن امان برقرار رکڻ انهن جي ذميواري آهي انهن جا خرچ وفاق برداشت ڪري ٿو. منهنجي گذارش آهي ته اسان گڏجي ويهي ڳالهه ڪنداسين جتي چار ئي ڌُريُون نه مڃينديون ڪو قدم نه کڻنداسين، وفاق آهي ته اسان آهيون. اسان سڀ وفاقي ڌُريُون آهيُون گڏجي ڏک ختم ڪرڻا آهن ۽ سک ۽ خوشيون ونڊڻيون آهن.

مزید خبریں