نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان شام جي اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد طحيٰ الاحمد جي ملاقات

اسلام آباد - 12 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي موقعي تي شام جي اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد طحيٰ الاحمد ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي …

اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي موقعي تي شام جي اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد طحيٰ الاحمد ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار شامي عوام سان پاڪستان جي ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان شام سان پنهنجي پراڻي، تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں