اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان عالمي بئنڪ جي وفد سان ملاقات ڪئي، جنهن جي قيادت پاڪستان بابت ڪنٽري ڊائريڪٽر ميلورما آمگابازار ۽ گيليس ڊراگيلس ڪري رهيا هئا. ملاقات ۾ پاڪستان کي درپيش معاشي عدم استحڪام ۽ مهانگائي جي عملن، ترقياتي منصوبن جي اثرائتي حڪمت عملي ۽ جٽادار ترقي جي هدفن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. جاري …
وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان عالمي بئنڪ جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان عالمي بئنڪ جي وفد سان ملاقات ڪئي، جنهن جي قيادت پاڪستان بابت ڪنٽري ڊائريڪٽر ميلورما آمگابازار ۽ گيليس ڊراگيلس ڪري رهيا هئا. ملاقات ۾ پاڪستان کي درپيش معاشي عدم استحڪام ۽ مهانگائي جي عملن، ترقياتي منصوبن جي اثرائتي حڪمت عملي ۽ جٽادار ترقي جي هدفن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. جاري بيان موجب ملاقات دوران وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ترقياتي منصوبن جي ڪاميابيءَ لاءِ جامع حڪمت عملي اڻٽر آهي ته جيئن پاڪستان کي درپيش حقيقي مسئلن جي درست نشاندهي ۽ منصوبابندي کي ان جي ترجيحن جي بنياد تي جوڙي سگهجن. هن چيو ته وڌيڪ بجيٽ ۽ گهٽ مهارت وارا منصوبا ڊگها نتيجا نٿا ڏين ان لاءِ ضروري آهي ته منصوبا لاڳت جي لحاظ سان اثرائتا، وسعت ڏيندڙ ۽ عوامي ڀلائي وارا هجن. وفاقي وزير ڌيان ڇڪرايو ته ترقياتي فنڊز جي اصل مقصد تان هٽي وڃڻ خاص ڪري تعليم، آبادي، عورتن جي ترقي ۽ صحت، اداري جاتي ڪمزورين جو سبب بڻجي ٿو ۽ قومي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽون بڻجن ٿيون. عالمي بئنڪ جي وفد پاڪستان سان ايندڙ 10 سالن جي سهڪار جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ پيش ڪيو جيڪو ٻن سالن جي مشاورت جو نتيجو آهي. هي فريم ورڪ 6 اهم شعبن تي ٻَڌل آهي جنهن ۾ غذائي کوٽ ۾ گهٽتائي، ماحولياتي لچڪ، نجي شعبي جي ترقي، تعليم، آبادي جي نظم و نسق ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارا شامل آهن. ٻنهي ڌُرين جاري ۽ تجويز ڪيل منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته گڏيل سهڪار ۽ اداري جاتي هم آهنگي ذريعي منصوبن جي رفتار ۾ وڌيڪ بهتري آندي ويندي.











