اسلام آباد - 12 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس 2025ع جي ٻئي ڏينهن اجلاس کي خطاب ۽ ”گهڻ رخي پائيداريت جي ذريعي امن، سلامتي ۽ ترقي“ جي موضوع تي عام بحث جي صدارت ڪئي. هن سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سينيٽ آف پاڪستان پاران سڄي دنيا مان پارليامينٽ ميمبرن کي گڏ ڪرڻ ۽ ڳالهه ٻولهه، تعاون …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس کي خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس 2025ع جي ٻئي ڏينهن اجلاس کي خطاب ۽ ”گهڻ رخي پائيداريت جي ذريعي امن، سلامتي ۽ ترقي“ جي موضوع تي عام بحث جي صدارت ڪئي. هن سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سينيٽ آف پاڪستان پاران سڄي دنيا مان پارليامينٽ ميمبرن کي گڏ ڪرڻ ۽ ڳالهه ٻولهه، تعاون ۽ گهڻ رخي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ تي ساراهيو. نائب وزيراعظم عالمي چئلينجز کي اجاگر ڪيو ۽ جاگرافيائي سياسي دشمني، اقتصادي فرق، موسمياتي بحران، دهشتگردي ۽ اڻبرابري جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جهڙا فورم گهڻ رخي پائيداريت کي زندهه ڪرڻ جي لاءِ تمام ضروري آهن. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ هڪ منصفاڻي ۽ پرامن عالمي نظام جي بنياد جي طور تي چٽاڀيٽي تي تعاون ۽ برابر حصيداري تي زور ڏنو ويو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته دهشتگردي ڪنهن مذهب، نسل يا سرحد کي تسليم نٿي ڪري، وانا ۽ اسلام آباد ۾ تازي حملن جي مذمت ڪندي هن ان لعنت سان وڙهڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ هر قسم جي دهشتگردي کي رد ڪيو. هن چيو ته سفارتڪاري جي ذريعي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ گهرجي، عوام تي ٻڌل سفارتڪاري ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته امن جي فائدا شهرين تائين پهچن ۽ اهو ته شموليت تي ٻڌل ترقي هجي، عالمي تعاون کي انساني ترقي سان نه پر سياسي معاهدن سان ماپيو وڃي ٿو.











