سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان بارباڊوس ۽ روس جي پارلياماني وفدن جون ملاقاتون

اسلام آباد-12 نومبر(اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ۽ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي باني چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان بارباڊوس ۽ روس جي پارلياماني وفدن الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻه طرفن لاڳاپن ۽ عالمي سطح تي پارلياماني سهڪار کي هٿي وٺائڻ جي امڪانن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گلاني وفدن سان ڳالهين دوران …

اسلام آباد-12 نومبر(اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ۽ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي باني چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان بارباڊوس ۽ روس جي پارلياماني وفدن الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻه طرفن لاڳاپن ۽ عالمي سطح تي پارلياماني سهڪار کي هٿي وٺائڻ جي امڪانن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گلاني وفدن سان ڳالهين دوران ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي امن، سلامتي ۽ پائيدار ترقي لاءِ پارليامينٽ کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته بين الپارلياماني  سهڪار نه رڳو قومن وچ ۾ گڏيل اعتماد کي هٿي ڏيڻ آهي پر عالمي چئلينجز جي حل ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. روس ۽ بارباڊوس جي پارلياماني اڳواڻن سينيٽ چيئرمين کي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جو ڪامياب بندوبست ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ ان تاريخي ايونٽ جي شاندار انتظامن تي سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. وفدن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان سان پارلياماني سطح تي سهڪار ۽ اداره جاتي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويندو. سينيٽ چيئرمين به ٻنهي ملڪن سان پارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.