اسلام آباد - 12 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اپوزيشن کي آڇ ڪئي آھي ته اها حڪومت سان ڳالھين لاءِ ميز تي اچي انهن کي مڪمل مدد فراھم ڪنداسين، پي ٽي آءِ باني کي مان ٻيھر شڪست ڏني آھي، ھن وقت مون خلاف ڪا عذرداري ناھي. گذريل ڏينھن قومي اسيمبلي ۾ محمود خان اچڪزئي جي ريمارڪس تي اسپيڪر چيو ته وزيراعظم ھن ايوان ۾ …
مُخالف ڌُر حڪومت سان ڳالھين لاءِ ميز تي اچي، کيس مڪمل مدد فراھم ڪنداسين: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر
اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اپوزيشن کي آڇ ڪئي آھي ته اها حڪومت سان ڳالھين لاءِ ميز تي اچي انهن کي مڪمل مدد فراھم ڪنداسين، پي ٽي آءِ باني کي مان ٻيھر شڪست ڏني آھي، ھن وقت مون خلاف ڪا عذرداري ناھي. گذريل ڏينھن قومي اسيمبلي ۾ محمود خان اچڪزئي جي ريمارڪس تي اسپيڪر چيو ته وزيراعظم ھن ايوان ۾ بيھي ڳالھين جي بار بار آڇ ڪئي آھي، قانون واري وزير ڳالھين ڏانھن اچڻ لاءِ چيو آھي. مان اسپيڪر طور حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ تيار آھيان. حڪومت ۽ اپوزيشن کي ھڪ ميز تي آڻڻ منھنجي ذميواري آھي. جڏھن محمود خان اچڪزئي چيو ته عوام جي ووٽن سان ناھيان چونڊيو ته ان تي اسپيڪر چيو ته مان توھان جي ليڊر کي ٻيھر شڪست ڏني آھي مون خلاف ھن اليڪشن ۾ ڪا عذرداري نه آھي، اھڙي قسم جون ڳالھيون ڪرڻ ڳالھين کان فرار ٿيڻ آھي، جيڪڏھن ڀارت سان ڳالھيون ٿي سگھن ٿيون ته اسان پاڻ ۾ ڳالھيون ڇو نه ٿا ڪري سگھون.












