گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات

گڏيل قومون -12 نومبر(اي پي پي)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 10 چونڊيل (اي 10)  ۽ پنجن نون ميمبرن (جيڪي جنوري 2026ع کان پنهنجي ميمبرشپ سنڀاليندا)  جي اعزاز ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ۽ اي 10 جي نومبر لاءِ ڪو آرڊينيٽر عاصم افتخار احمد مانجهاندي جو بندوبست ڪيو جنهن ۾ يو اين سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش به شرڪت ڪئي. ميمبرن  انتونيو گوتريش سان اهم عالمي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون. گڏيل قومن …

گڏيل قومون -12 نومبر(اي پي پي)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 10 چونڊيل (اي 10)  ۽ پنجن نون ميمبرن (جيڪي جنوري 2026ع کان پنهنجي ميمبرشپ سنڀاليندا)  جي اعزاز ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ۽ اي 10 جي نومبر لاءِ ڪو آرڊينيٽر عاصم افتخار احمد مانجهاندي جو بندوبست ڪيو جنهن ۾ يو اين سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش به شرڪت ڪئي. ميمبرن  انتونيو گوتريش سان اهم عالمي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون. گڏيل قومن ۾ پاڪستان مشن پاران جاري بيان موجب انتونيو گوتريش سان ڳالهين دوران ميمبرن ان معاملي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته جيڪي هن وقت سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي آهن. ان ۾ غزه جي صورتحال ۽ گڏيل قومن جي امن مشن سان سلهاڙيل اڳڀرائي به شامل آهي. واضح رهي ته سلامتي ڪائونسل جا ڪل 15 ميمبر آهن جن ۾ 5 مستقل ميمبر چين، فرانس، روس، برطانيه ۽ آمريڪا آهن ۽ 10 غير مستقل ميمبر به آهن جن جيڪي  ٻن سالن جي عرصي لاءِ چونڊيا  ويندا آهن. يو اين جنرل اسيمبلي ۾ هر سال 5 مستقل ميمبرن جي چونڊ ڪئي ويندي آهي، ته جيئن عهدو ڇڏيندڙ ميمبرن جي جاءِ تي نون ميمبرن جي نمائندگي کي يقيني بڻائي سگهجي.