واشنگٽن-12 نومبر (اي پي پي) ويٽنام اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو آمريڪا سان جلد نئون واپاري معاهدو طئه ڪندو. ميڊيا رپورٽن موجب نائب وزيراعظم بوئي ٿانه سون چيو آهي ته آمريڪي ڪاروباري ادارن تي زور ڀريو آهي ته اهي ڳالهين جي رفتار کي تيز ڪرڻ ۾ سهڪار ڪن ته جيئن هڪ منصفاڻو ۽ توازن تي ٻڌل معاهدو جلد کان جلد طئه ٿي سگهي. اوڀر ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي …
آمريڪا سان نئون واپاري معاهدو جلد طئه ڪنداسين: ويٽنام
واشنگٽن-12 نومبر (اي پي پي) ويٽنام اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو آمريڪا سان جلد نئون واپاري معاهدو طئه ڪندو. ميڊيا رپورٽن موجب نائب وزيراعظم بوئي ٿانه سون چيو آهي ته آمريڪي ڪاروباري ادارن تي زور ڀريو آهي ته اهي ڳالهين جي رفتار کي تيز ڪرڻ ۾ سهڪار ڪن ته جيئن هڪ منصفاڻو ۽ توازن تي ٻڌل معاهدو جلد کان جلد طئه ٿي سگهي. اوڀر ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي معاملن بابت آمريڪي اسسٽنٽ سيڪريٽري مائيڪل ڊيسومبري جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته اهو معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري توازن کي بهتر بڻائيندو ۽ آمريڪا لاءِ ويٽنام سان وڏي واپاري خساري کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏيندو.











