اٽلي جي شهر تورينو ۾ ٽينس چيمپين شپ جي فائنل دوران ٻه تماشائي  فوت ٿي ويا

روم-12 نومبر(اي پي پي) اٽلي جي اترئين شهر تورينو ۾ عالمي پروفيشنل ٽينس ايسوسي ايشن جي سيزن جي فائنل ٽورنامينٽ دوران ٻن مختلف واقعن ۾ ٻه تماشائي فوت ٿي ويا . پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ 70 سالن جي شخص صبح جي وقت فائنل ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ واري ڪامپليڪس ويجهو مداحن جي علائقي ۾ طبعيت جي بي حالي جو شڪار ٿيو آهي. ان کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو …

روم-12 نومبر(اي پي پي) اٽلي جي اترئين شهر تورينو ۾ عالمي پروفيشنل ٽينس ايسوسي ايشن جي سيزن جي فائنل ٽورنامينٽ دوران ٻن مختلف واقعن ۾ ٻه تماشائي فوت ٿي ويا . پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ 70 سالن جي شخص صبح جي وقت فائنل ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ واري ڪامپليڪس ويجهو مداحن جي علائقي ۾ طبعيت جي بي حالي جو شڪار ٿيو آهي. ان کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر پهچڻ جي ٿوري دير ۾ ئي فوت ٿي ويو. ڪجهه ڪلاڪن بعد آمريڪي ٽينس رانديگر ٽيلر فريٽز ۽ اٽلي جي رانديگر لورنزو موسيتي وچ ۾ مقابلو جاري هيو. ميچ دوران 78 سالن جو تماشائي بي هوش ٿي ويو جنهن کي ايمبولينس ذريعي اسپتال پهچايو ويو. پر ڪجهه دير ۾ ئي فوت ٿي ويو. رپورٽ موجب ٻنهي ڄڻن جي فوتگي دل جو دورو پوڻ سبب ٿي.