انقره-12نومبر(اي پي پي) ترڪيه جي دفاع واري وزارت تصديق ڪئي آهي ته جارجيا ۾ سندن فوجي جهاز جي حادثي ۾ 20 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن ترڪيه جو فوجي جهاز سي -130 آذربائيجان کان ترڪيه لاءِ اڏام ڀري ۽ جارجيا ۾ ڪري تباهه ٿي ويو. ترڪيه ۽ جارجيا جا عملدار حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪري رهيا آهن. اهو واقعو 2020ع کانپوءِ ترڪيه جو …
جارجيا ۾ فوجي جهاز جي حادثي ۾ اسان جا 20 فوجي شهيد ٿيا آهن: ترڪيه
انقره-12نومبر(اي پي پي) ترڪيه جي دفاع واري وزارت تصديق ڪئي آهي ته جارجيا ۾ سندن فوجي جهاز جي حادثي ۾ 20 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن ترڪيه جو فوجي جهاز سي -130 آذربائيجان کان ترڪيه لاءِ اڏام ڀري ۽ جارجيا ۾ ڪري تباهه ٿي ويو. ترڪيه ۽ جارجيا جا عملدار حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪري رهيا آهن. اهو واقعو 2020ع کانپوءِ ترڪيه جو سڀ کان خطرناڪ فوجي حادثو قرار ڏنو پيو وڃي. ترڪيه جي دفاع واري وزارت اربع ڏينهن جهاز حادثي ۾ شهيد ٿي ويل 20 فوجين جي فهرست جاري ڪري ڇڏي. نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي، آذربائيجان ۽ جارجيا فوجي جهاز جي حادثي تي تعزيت جو اظهار ڪيو جڏهن ته ترڪيه ۾ آمريڪا جي سفير ٽام بيرڪ به حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي ترڪيه سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ترڪيه جي دفاع واري وزير ياسر گولر آذربائيجان ۽ جارجيا جي پنهنجي هم منصبن کانسواءِ آذربائيجان جي چيف آف اسٽاف سان به رابطو ڪيو ته جيئن سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشنز بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي.











