اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال پمز اسپتال جو دورو ڪيو ۽ اسلام آباد ڊسٽرڪٽ جوڊيشل ڪمپليڪس ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اسپتال انتظاميا ۽ عملي کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وفاقي وزير ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 22 ڄڻا پمز اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن، جڏهن …
صحت واري وفاقي وزير جو پمز اسپتال جو دورو
اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال پمز اسپتال جو دورو ڪيو ۽ اسلام آباد ڊسٽرڪٽ جوڊيشل ڪمپليڪس ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اسپتال انتظاميا ۽ عملي کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وفاقي وزير ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 22 ڄڻا پمز اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن، جڏهن ته ٻن زخمين کي سندن وارثن جي خواهش تي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پمز اسپتال ۾ ڊيزاسٽر وارڊ فعال ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي.












