اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) انفارميشن گروپ جي اڳوڻن سيڪريٽريز جي فورم سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. سينيٽر عرفان صديقي هڪ مشهُور تعليمدان، تجربيڪار پارليامينٽرين ۽ ميڊيا جي وڏي شخصيت هو. انفارميشن گروپ جي رٽائرڊ سيڪريٽريز جي فورم جو ماهوار اجلاس اڱاري ڏينهن اسلام آباد ڪلب ۾ منعقد ٿيو. فورم سينيٽر عرفان صديقي جي …
انفارميشن گروپ جي اڳوڻن سيڪريٽريز جي فورم پاران سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) انفارميشن گروپ جي اڳوڻن سيڪريٽريز جي فورم سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. سينيٽر عرفان صديقي هڪ مشهُور تعليمدان، تجربيڪار پارليامينٽرين ۽ ميڊيا جي وڏي شخصيت هو. انفارميشن گروپ جي رٽائرڊ سيڪريٽريز جي فورم جو ماهوار اجلاس اڱاري ڏينهن اسلام آباد ڪلب ۾ منعقد ٿيو. فورم سينيٽر عرفان صديقي جي قومي خدمتن کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو. ميمبرن چيو ته صحافت ۽ قومي معاملن ۾ سندس خدمتون وسارڻ جوڳيُون نه آهن. سندس گهرا تجزين ۽ علمي ڪاوشن پاڪستان جي وڪري ۽ سياسي بحثن کي گهرائي عطا ڪئي. ميمبرن ياد ڪيو ته ماضي ۾ سينيٽر عرفان صديقي فورم ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي هئي ۽ فورم کي هڪ "ٿنڪ ٽينڪ” طور ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏني هئي ته جيئن قومي پاليسي سازي ۽ عوامي بحثن ۾ اجتماعي ڏاهپ کي ڪتب آڻي سگهجي. ميمبرن چيو ته سندس خيال ۽ رهنمائي اڄ به فورم لاءِ هڪ مشعل راهه آهن. اجلاس جي پُڄاڻي اجتماعي دعا سان ٿي، جنهن ۾ مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا گهري وئي ۽ سينيٽر عرفان صديقي جي خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ويو.












