اسلام آباد ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي پويان افغانستان جو هٿ، ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج ۽ افغانستان جي ملي ڀڳت واضح طور سامهون اچي وئي

اسلام آباد- 11 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي پويان افغانستان جو هٿ، ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج ۽ افغانستان جي ملي ڀڳت واضح طور سامهون اچي وئي. ذريعن مطابق اسلام آباد ڌماڪو اٽڪل منجهند 12:45 تي ٿيو جڏهن افغانستان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي صبح سوير کان گونج ٻڌڻ ۾ پئي آئي. 06:45 منٽن تي افغان طالبان سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا ”ايڪس“ اڪائونٽ تان “coming …

اسلام آباد- 11 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي پويان افغانستان جو هٿ، ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج ۽ افغانستان جي ملي ڀڳت واضح طور سامهون اچي وئي. ذريعن مطابق اسلام آباد ڌماڪو اٽڪل منجهند 12:45 تي ٿيو جڏهن افغانستان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي صبح سوير کان گونج ٻڌڻ ۾ پئي آئي. 06:45 منٽن تي افغان طالبان سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا ”ايڪس“ اڪائونٽ تان “coming soon Islamabad” جهڙا ٽويٽس ڏٺا ويا. ذريعن مطابق اهڙي طرح جي ڌمڪين وارا پيغام افغان ملٽري پريڊ جي موقعي تي به ڪيا ويا جنهن ۾ لاهور تي افغان جهنڊو لهرائڻ ۽ اسلام آباد کي ساڙڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون. افغان ٽويٽر هينڊل آماج نيوز پنهنجي 2 نومبر تي ڪيل ٽويٽ ۾ انهن ڌمڪين وارن پيغامن کي پوسٽ ڪيو. طالبان جي هڪ ٻئي ايڪس اڪائونٽ خراسان العربي تان اسلام آباد ڌماڪي سان گڏ ئي جاري ٿيل ٽويٽ بسم الله الرحمان الرحيم افغان رجيم جهڙن ڪِريل عزمن جي عڪاسي ڪري ٿي. ڌماڪي کان اڳ افغانستان مان ڪيل سوشل ميڊيا پوسٽس ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته افغان طالبان رجيم پنهنجي حرڪتن کان باز نه آيو. اها رجيم پاڪستان ۾ کُلي طرح دهشتگردي ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۽ دهلي ۾ ٿيل ڌماڪا ٻئي پاڪستان مخالف ملڪن جي ملي ڀڳت آهن جن جو گڏيل مقصد پاڪستان کي نقصان پهچائڻ آهي.