وزيراعظم پاران اسلام آباد ۾ ڀارتي حمايت يافته سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگرد حملي جي مذمت

اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي سيڪٽر جي اليون جي عدالت ۾ ڀارتي پٺڀرائي رکندڙ سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان پاران دهشتگرداڻي حملي جي ڀرپور مذمت ڪندي چيو آهي، ته دهشتگردن جون اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروائيون دهشتگردي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن، دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي ۽ فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي آخري دهشتگرد جي …

اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي سيڪٽر جي اليون جي عدالت ۾ ڀارتي پٺڀرائي رکندڙ سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان پاران دهشتگرداڻي حملي جي ڀرپور مذمت ڪندي چيو آهي، ته دهشتگردن جون اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروائيون دهشتگردي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن، دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي ۽ فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي آخري دهشتگرد جي موت تائين جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگرداڻي حملي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي درجن جي بلندي ۽ پونئرن جي صبر لاءِ دعا به ڪئي. هن چيو ته مون سميت پوري قوم جون سموريون همدرديون شهيدن جي ڪٽنبن سان آهن. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ کين بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڀارت دهشتگردن طرفان پاڪستان جي هٿين خالي شهرين تي دهشتگرداڻا حملا مذمت جوڳا آهن. هن واقعي جي جاچ جي هدايت ڪندي چيو ته ذميوارن کي انجام تائين پهچائي ساهه کڻنداسين. وزيراعطم چيو ته افغانستان مان ڪارروائي ڪندي ڀارتي حڪمن تي سرگرم فتنه الخوارج پاران هن وقت وانا ۾ معصوم ٻارن تي به حملا ڪيا ويا، ڀارتي پٺڀرائي ۽ افغان سر زمين تان جاري انهن حملن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي. هن چيو ته هٿين خالي معصوم پاڪستانين جو رت ضايع نه ٿيندو، دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي ۽ فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي آخري دهشتگرد جي موت تائين انهن خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جون اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروائيون دهشتگردي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. ڀارت کي خطي ۾ حمايت ذريعي دهشتگردي پکيڙڻ جي مڪروهه فعل کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي، ته دنيا کي ڀارت جي اهڙن ناپاڪ سازشن جي مذمت ڪرڻ گهرجي. ڀارت پاران خطي ۾ امن تباهه ڪرڻ وارو گندو چهرو پوري دنيا سامهون بي نقاب ٿي چڪو آهي. پاڪستان ۾ ٻئي حملا خطي ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جو بدترين مثال آهن.