گڏيل قومون -11 نومبر(اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني معاملن ۽ هنگامي امداد جي انڊر سيڪريٽري جنرل ٽام فليچر چيو آهي ته غزه ۾ جنگ بندي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ گذريل هڪ مهيني دوران گڏيل قومن ۽ سندس شراڪتدارن 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي خوراڪ فراهم ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جنرل ٽام فليچر هڪ بيان ۾ چيو ته غزه ۾ جنگ بندي کي هڪ مهينو گذرڻ کان پوءِ …
جنگ بعد غزه ۾ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي خوراڪ ڏني وئي:گڏيل قومون
گڏيل قومون -11 نومبر(اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني معاملن ۽ هنگامي امداد جي انڊر سيڪريٽري جنرل ٽام فليچر چيو آهي ته غزه ۾ جنگ بندي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ گذريل هڪ مهيني دوران گڏيل قومن ۽ سندس شراڪتدارن 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي خوراڪ فراهم ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جنرل ٽام فليچر هڪ بيان ۾ چيو ته غزه ۾ جنگ بندي کي هڪ مهينو گذرڻ کان پوءِ به اسان انساني حياتيون بچائڻ جي هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهيون. سندس موجب غزه ۾ غذائيت جا مرڪز ٻيهر کوليا ويا آهن. اسپتالن ۾ مريضن جو علاج جاري آهي. روڊن جي صفائي، ٽڪا لڳائڻ جي مهم ٻيهر شروع ٿي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي لائينن جي مرمت، سياري جي ڪپڙن ۽ ڪمبل ڏيڻ سان گڏو گڏ ذهني ۽ نفسياتي معاملن جي مدد به فراهم ڪئي پئي وڃي. هن خبردار ڪيو ته رڪاوٽون اڃان به آهن . هن چيو ته اسان سخت مسئلا ختم ڪرڻ، انساني همدردي جي سرگرمين کي وڌائڻ ۽ سيڪورٽي خدشن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ لڳاتار ڪوشش ڪري رهيا آهيون.











