ايڪوا ڊور جي جيل ۾ هنگامو، 21 قيدي مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

ڪوئٽو -11 نومبر (اي پي پي) ايڪواڊور جي جيل ۾ هنگامن سبب 31 قيدي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب واقعو صوبي ايل اورو جي شهر مچالا جي جيل ۾ پيش آيو. جيل اختيارين ٻڌايو ته هنگامي دوران ٿيل فائرنگ سبب 4 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 27  قيدي ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿيا. جيل اختيارين موجب واقعي ۾ 33 قيدي ۽ هڪ پوليس آفيسر زخمي …

ڪوئٽو -11 نومبر (اي پي پي) ايڪواڊور جي جيل ۾ هنگامن سبب 31 قيدي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب واقعو صوبي ايل اورو جي شهر مچالا جي جيل ۾ پيش آيو. جيل اختيارين ٻڌايو ته هنگامي دوران ٿيل فائرنگ سبب 4 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 27  قيدي ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿيا. جيل اختيارين موجب واقعي ۾ 33 قيدي ۽ هڪ پوليس آفيسر زخمي ٿيا آهن، هنن اهو به ٻڌايو ته اڃا تائين واضح ناهي ٿيو ته واقعو ٻن گروپن وچ ۾ ويڙهه سبب پيش آيو يا ڪو ٻيو سبب آهي، جڏهن ته اهو اندازو لڳايو پيو وڃي ته اهو واقعو ڪجهه قيدين کي ٻئي هاءِ سيڪيورٽي جيل ڏانهن منتقل ڪرڻ سبب پيش آيو، اهو جيل تازو حڪومت طرفان نوبووا صوبي م تعمير ڪيو ويو آهي ۽ هلندڙ مهيني ان جو افتتاح ٿيڻو آهي.