رياض -11 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب جي انصاف واري وزارت جي ميزباني ۾ ٻي عالمي عدالتي ڪانفرنس 23 نومبر کان گادي واري هنڌ رياض ۾ ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ 40 ملڪن مان 4 هزار جي لڳ ڀڳ قانوني ماهر ۽ پروفيشنل شرڪت ڪندا. انصافي وزير وليد بن محمد الصمعاني بيان م چيو آهي، ته رياض ۾ ماهرن جو ميڙاڪو ان ڳالهه جو …
سعودي عرب ٻي عالمي عدالتي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو
رياض -11 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب جي انصاف واري وزارت جي ميزباني ۾ ٻي عالمي عدالتي ڪانفرنس 23 نومبر کان گادي واري هنڌ رياض ۾ ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ 40 ملڪن مان 4 هزار جي لڳ ڀڳ قانوني ماهر ۽ پروفيشنل شرڪت ڪندا. انصافي وزير وليد بن محمد الصمعاني بيان م چيو آهي، ته رياض ۾ ماهرن جو ميڙاڪو ان ڳالهه جو تعين ڪندو ته حڪومت، قانون جي دنيا جي ماهر اڳواڻن جي راءِ جي روشني ۾ عدليه جي تعمير ۽ ترقي جي وعدي کي پورو ڪرڻ ۾ دل سان ڪم ڪري رهي آهي. رياض ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس عدالتي نظام، خاص ڪري فيصلن، حقن جي تحفظ ۽ ڪيسن جي ڪارروائي کي تيزي سان اڳيان وڌائڻ جي سلسلي ۾ سعودي عرب ۾ ٿيندڙ ترقي کي شرڪت ڪندڙن سامهون پيش ڪندي. ان ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان آيل 50 مقرر 8 سيشنز ۾ خيالن جو اظهار ڪندا.











