واشنگٽن -09 نومبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ هڪ مهيني جي عرصي کان جاري شٽ ڊائون جي معاملي تي ڊيمو ڪريٽڪ ميمبر غير معمولي سيشن جي تياري ڪري رهيا آهن جڏهن ته ٻئي پاسي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڪنهن به سمجهوتي جو اشارو ناهي ڏنو ويو، پرڏيهي خابرو اداري آمريڪي ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو ته اجلاس بابت ڊيمو ڪريٽس کي اميد آهي ته شٽ ڊائون خاتمي جو ڪو رستو …
آمريڪا ۾ شٽ ڊائون تي غير معمولي اجلاس جي تياري، صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو سمجهوتو نه ڪرڻ جو اشارو
واشنگٽن -09 نومبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ هڪ مهيني جي عرصي کان جاري شٽ ڊائون جي معاملي تي ڊيمو ڪريٽڪ ميمبر غير معمولي سيشن جي تياري ڪري رهيا آهن جڏهن ته ٻئي پاسي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڪنهن به سمجهوتي جو اشارو ناهي ڏنو ويو، پرڏيهي خابرو اداري آمريڪي ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو ته اجلاس بابت ڊيمو ڪريٽس کي اميد آهي ته شٽ ڊائون خاتمي جو ڪو رستو ڳولهيو ويندو ڇاڪاڻ ته وفاقي ملازمن کي پگهارن جي ادائگي ناهي ٿي جڏهن ته وڏي پئماني تي ايئر لائينز به رد ٿيون آهن جنهن سان آمريڪين کي ملندڙ سهولتن ۾ گهٽتائي آئي آهي. جيتوڻيڪ گذريل ڏينهن به سيشن ٿي چڪو آهي پر ان ۾ به ڊيمو ڪريٽس ۽ ريپبلڪنز 39 ڏينهن کان جاري شٽ ڊائون ختم ڪرڻ لاءِ ڪا اڳڀرائي ناهن ڪري سگهيا. هن ڪانگريس کي صلاح ڏني ته هو انشورنس لاءِ ماڻهن کي سڌي ريت پئسا موڪلي. سينيٽ جي اڪثريتي اڳواڻ جان ٿون آر ايس ڊي جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ جي تجويز شٽ ڊائون کي ختم ڪرڻ جي حل جو حصو نه هوندي پر اها هڪ اهڙو بحث آهي جنهن بابت صدر ۽ اسان ڳالهائڻ چاهيون ٿا. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن شٽ ڊائون جي ختم ٿيڻ تائين سينيٽ جي سيشن کي جاري رکڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ۽ بهترين ڳالهه اها آهي ته اهڙو طريقيڪار جوڙيو وڃي ته جيئن اڄ ووٽ وجهي سگهجن.











