اسلام آباد- 08 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته 27 هين آئيني ترميم جي مسودي جي وفاقي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اتحادين سان مشاورت کانپوءِ جن نڪتن تي اتفاق راءِ ٿيو آهي انهن کي بل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن نڪتن تي اتفاق نه ٿيو انهن کي ملتوي ڪيو ويو آهي، ججن جي بدلين جو معاملو جڊيشل …
وفاقي ڪابينا 27هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد- 08 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته 27 هين آئيني ترميم جي مسودي جي وفاقي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اتحادين سان مشاورت کانپوءِ جن نڪتن تي اتفاق راءِ ٿيو آهي انهن کي بل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن نڪتن تي اتفاق نه ٿيو انهن کي ملتوي ڪيو ويو آهي، ججن جي بدلين جو معاملو جڊيشل ڪميشن حوالي ڪرڻ، آئيني عدالت جو قيام، فيلڊ مارشل جو عهدو تاحيات رهڻ جي تجويز 27 هين آئيني ترميم ۾ شامل آهن. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ قانون واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي گڏيل ڪميٽي جي ڪو چيئرمين محمود بشير ورڪ ۽ فاروق ايڇ نائيڪ ٻين پارٽين جن جي انهن ڪميٽين ۾ نمائندگي ناهي انهن جي ميمبرن کي به اجلاس ۾ دعوت ڏيندا ته جيئن 27 هين ترميم جي بل جي شقن تي تفصيلي بحث ٿي سگهي، اسان پاڪستان پيپلزپارٽي، متحده قومي موومينٽ پاڪستان، استحڪام پاڪستان پارٽي، مسلم ليگ (ق)، بلوچستان عوامي پارٽي، نيشنل پارٽي سميت ٻين اتحادي پارٽين سان ڳالهين کانپوءِ ميثاق جمهوريت ۾ آئيني عدالتن جي قيام جو واعدو ڪيو هو، ان تي اتفاق راءِ ٿيو آهي، هاڻي هڪ ڌار وفاقي آئيني عدالت جي قيام جي تجويز 27 هين آئيني ترميم جي بل جي صورت ۾ پارليامينٽ حوالي ڪئي ويندي، جتي بحث ۽ غور ويچار کانپوءِ ان تي فيصلو ٿيندو، حڪومت اتحادين سان گڏجي ان تي فيصلو ڪندي. هن چيو ته ججن جي بدلين تي تمام گهڻو بحث ٿيو ته ان ۾ وزيراعظم صدر مملڪت کي تجويز ڪري ٿو ته ايگزيڪيٽو جو ڪردار وڌيڪ آهي جيتوڻيڪ جنهن صوبي مان جج بدلي رهيو آهي ۽ جنهن صوبي ۾ وڃي رهيو آهي اتي جي هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جي مشاورت شامل آهي، هن چيو ته ان عمل کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ لاءِ اهو تجويز ڪيو ويو ته ججن جي بدلي جو ڪم سپريم جڊيشل ڪائونسل حوالي ڪيو وڃي ۽ ان ۾ اهو اضافو ڪيو ويو ته جنهن هاءِ ڪورٽ مان جج جي بدلي ٿيڻي آهي يا جتي هو وڃڻ چاهي ٿو ان ٻنهي جي چيف جسٽسن سان به مشاورتي عمل جو حصو هوندا. هن چيو ته ڪي پي سينيٽ جي اليڪشن هڪ سال تائين دير جو شڪار رهي، سينيٽ جو مدو 6 سال آهي، ٽن سالن کانپوءِ نئين چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ٿيندي آهي، ان ترميم ۾ هي تجويز به شامل آهي ته سينيٽ ۾ جيڪي ميمبر هن ڀيري چونڊجي آيا آهن جن جو ڪجهه مدو ضايع ٿيو اهو به شامل هجي. ننڍا صوبا جهڙوڪ بلوچستان يا ڪي پي ڪي اتي ڪابينا جو ڏنل 11 سيڪڙو ٿرش هولڊ کي 11 مان وڌائي 13 سيڪڙو ڪيو پيو وڃي، اتي اسيمبلي جون سيٽون گهٽ آهن ۽ کاتا پورا ناهن هوندا، اتي پهرين 5 اڻ چونڊيل ايڊوائيزير هئا جن کي وڌائي نون کاتن سبب 7 ڪرڻ جي تجويز آهي، هن چيو ته آرٽيڪل 243۾ دفاعي معاملا آهن، ان ۾ اسٽريٽجڪ ۽ دفاعي سبجيڪٽ تي هميشه هن خطي جي ملڪ ۾ تمام گهڻو بحث رهيو آهي، تازي جنگ ۾ اسان اهو سکيو آهي ته جنگ جي حڪمت عملي تبديل ٿي چڪي آهي ان حوالي سان مقررين جي طريقيڪار ۽ پهرين آرمي ايڪٽ ۾ موجود عهدا هئا جن جو 1973ع جي آئين ۾ ذڪر نه ٿي سگهيو، ان ۾ فيلڊ مارشل جو عهدو، دنيا ۾ ايئر ۽ نيول چيف جا ان جي برابر جا عهدا موجود آهن، انهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو آهي، ان رينڪس کي تاحيات انهن سان گڏ رهڻ جي حوالي سان به تجويز شامل آهي، انهن جي ڪمانڊ قانون موجب ئي ريگوليٽ ٿيندي رهندي، ان حوالي سان به مناسب ترميم پارليامينٽ سامهون رکيون وينديون، هن چيو ته آئيني ترميم لاءِ 2 ڀاڱي ٽي جي اڪثريت گهربل آهي، هن وضاحت ڪئي ته ايم ڪيو ايم 26 هين آئيني ترميم وقت آئين جي آرٽيڪل 140 اي ۾ ترميم لاءِ حڪومت سان رابطو ڪيو هو اهو بل ڪميٽي وٽ التوا ۾ هو، موجوده بل سينيٽ ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ ڪميٽي ۾ بحث هيٺ آيو ته ايم ڪيو ايم جي بل کي به بحث هيٺ آندو وڃي، اسان پوري ڪوشش ڪنداسين ته ان کي پاس ڪيو وڃي، ويجهڙ ۾ پنجاب مان به هڪ قرارداد آئي ان کي به بحث هيٺ آندو ويندو. هڪ اتحادي پارٽي بلوچستان عوامي پارٽي بلوچستان اسيمبلي جي سيٽن ۾ واڌ بابت ڳالهه ڪئي، اهو بل به قانون ۽ انصاف جي اسٽينڊنگ ڪميٽي وٽ آهي ان کي به بحث هيٺ آندو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي اها هن پنهنجي سي اي سي ۾ رکي، جن تجويزن تي اتفاق ٿيو انهن کي بل ۾ آندو پيو وڃي ۽ جن تي اتفاق راءِ نه ٿيو انهن کي ملتوي ڪيو پيو وڃي، بلاول ڀٽو زرداري به اها گهر ڪئي ته جن تي اسان جو اتفاق آهي ان تي ئي ترميم آندي وڃي، هن چيو ته پاڪستان هن وقت وڏي مشڪل حالتن مان گذري رهيو آهي، ملڪ جي سڀ کان وڏي ضرورت سياسي هم آهنگي، رواداري ۽ سياسي استحڪام آهي، مئي ۾ پوري قوم گڏ ٿي پاڪستان جي سلامتي لاءِ دعائون ڪيون ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، ان تي اسان الله تعاليٰ جا شڪرگذار آهيون، پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ به انهي جذبي جي ضرورت آهي، هن جو چوڻ هو ته هي بل ڪرڻ کانپوءِ ان تي عام بحث ٿيندو، اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بحث کانپوءِ ايوان ۾ به ان تي عام بحث ٿيندو ۽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ان جي منظوري ٿيندي.










