وفاقي ڪابينا پاران 27هين آئيني ترميم جو مسودو منظور، ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ 27هين آئيني ترميم لاءِ سڀني گڏجي ڪم ڪيو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 08 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 27هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏني وئي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف باڪو مان وڊيو لنڪ ذريعي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ وفاقي ڪابينا 27هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏني ۽ …

اسلام آباد- 08 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 27هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏني وئي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف باڪو مان وڊيو لنڪ ذريعي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ وفاقي ڪابينا 27هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏني ۽ ان جي ڀرپُور آجيان ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس ۾ ڪابينا جي ميمبرن جي آجيان ڪئي ۽ اتحادي پارٽين جا به ٿورا مڃيا. ڪابينا جي منظوري کان پوءِ قانون ۽ انصاف واري وزير وزيراعظم جي هدايتن تي ميڊيا کي ترميم بابت بريفنگ ڏني. ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ترميم جو مسودو پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ڪرڻ ۽ ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ 27هين آئيني ترميم لاءِ سڀني گڏجي ڪم ڪيو، جنهن لاءِ قانون ۽ انصاف واري وزارت، اٽارني جنرل ۽ انهن جي ٽيم تحسين لائق آهي. هن چيو ته هن پنهنجي اڳواڻ ميان محمد نواز شريف کي 27هين آئيني ترميم تي اعتماد ۾ ورتو ۽ ان تي ان کان رهنمائي حاصل ڪئي، جنهن لاءِ هو سندس دل سان ٿورائتو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن صدر آصف علي زرداري کي به ترميم جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو ۽ سندس رضامندي تي سندس تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. سڀني اتحادي پارٽين جي سربراهن، خاص طور تي بلاول ڀٽو زرداري، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عبدالعليم خان، خالد حسين مگسي ۽ چوڌري سالڪ حسين جو ٿورائتو آهيان، جن سان سندن پارٽين جي وفدن سميت هن ذاتي طور تي انهن سان مشاورت ڪئي ۽ انهن مسودي جي ڀرپُور تائيد ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن ايمل ولي خان، اعجاز الحق ۽ ٻين سياسي اڳواڻن سان به مشاورت ڪئي ۽ انهن کي آئيني ترميم جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو. الله جي فضل سان ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام جي ڪري ملڪ جو رُخ دُرست ٿي چڪو آهي. ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي.

مزید خبریں