وفاقي ڪابينا 27هين آئيني ترميمي مسودي جي صلاح مشوري کانپوءِ منظوري ڏني آهي: وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-08 نومبر (اي پي پي)قانون جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آئين ۾ ڄاڻايل 27هين ترميم جي حوالي سان ڪيترائي ڏينهن سياسي پارٽين سان تفصيلي مشورا ڪيا ويا جنهن کان پوءِ اڄ وفاقي ڪابينا ان ترميمي مسودي جي منظوري ڏني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته 27هين ترميم جو بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ ان …

اسلام آباد-08 نومبر (اي پي پي)قانون جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آئين ۾ ڄاڻايل 27هين ترميم جي حوالي سان ڪيترائي ڏينهن سياسي پارٽين سان تفصيلي مشورا ڪيا ويا جنهن کان پوءِ اڄ وفاقي ڪابينا ان ترميمي مسودي جي منظوري ڏني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته 27هين ترميم جو بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ ان کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ گڏيل پارلياماني ڪميٽي کي موڪليو ويندو ته جئين قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ميمبر پنهنجون تجويزو ڏئي سگهن. اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته ان ترميمي بل ۾ 49 شقون شامل آهن جن مان 40 شقن ۾ وفاقي آئيني عدالت جي قيام بابت نقطا موجود آهن. هن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ 24هين آئيني ترميم دوران اها تجويز ڏني وئي هئي ته بنچز قائم ڪيون وڃن ڇاڪاڻ ته عدالتن جو وڌيڪ وقت آئيني ڪيسن ۾ استعمال ٿيندو آهي. ڊگهي صلاح مشوري کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته هڪ وفاقي آئيني عدالت قائم ڪئي وڃي جيڪا آئيني معاملن بابت ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري ان سان سپريم ڪورٽ تي بار گهٽ ٿي ويندو ۽ آئيني تشريح لاءِ واضح فورم دستياب ٿي ويندو. هن چيو ته ججن جي بدلين جي حوالي سان لاڳاپيل عدالتن جي چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سان صلاح مشورو ڪيو ويندو ۽ تجويز اها به ڏني وئي آهي ته ججن جي مقرري جو اختيار جوڊيشل ڪميشن جي حوالي ڪيو ويندو ته جئين َشفاف ۽ اڻ ڌريو نظام قائم ڪري سگهجي. اعظم نذير تارڙ چيو ته آئيني ترميم ملڪ جي عدالتي نظام ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي ۽ آئين جي بالادستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي. هن چيو ته حڪومت ان ڳالهه جي خواهشمند آهي ته ڄاڻايل ترميم تي جامع صلاح مشوري کان پوءِ هڪ اهڙي آئيني عدالت جي قيام لاءِ راه هموار ٿئي جيڪا آئين جي تشريح ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ بابت معاملن ۾ اعليٰ ترين اٿارٽي طور تي ڪردار ادا ڪري.

مزید خبریں