اسلام آباد- 08 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سينيٽ ۾ 27 هين آئيني ترميم جو بل پيش ڪري ڇڏيو، وفاقي وزير چيو ته هي بل پارليامينٽ جي گڏيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو پيو وڃي ته جيئن بل جي سمورين شقن تي تفصيلي ۽ بامعنيٰ بحث ٿي سگهي. هن چيو ته حڪومت کي هن عمل ۾ ڪا به تڪڙ ناهي، مقصد صرف …
قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پاران سينيٽ ۾ 27 هين آئيني ترميم جو بل پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 08 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سينيٽ ۾ 27 هين آئيني ترميم جو بل پيش ڪري ڇڏيو، وفاقي وزير چيو ته هي بل پارليامينٽ جي گڏيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو پيو وڃي ته جيئن بل جي سمورين شقن تي تفصيلي ۽ بامعنيٰ بحث ٿي سگهي. هن چيو ته حڪومت کي هن عمل ۾ ڪا به تڪڙ ناهي، مقصد صرف جامع مشاورت ۽ اتفاق راءِ سان قانونسازي کي اڳتي وڌائڻ آهي. اسان چاهيون ٿا ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن تي ٻڌل گڏيل ڪميٽي ۾ بل تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿئي. وفاقي وزير چيو ته هي ڪميٽي پنهنجي ڪم دوران انهن ميمبرن کي به دعوت ڏيندي جيڪي باضابطه طور ان جا ميمبر ناهن ته جيئن وڌ کان وڌ رايا ۽ تجويزون حاصل ڪري سگهجن. سينيٽر اعظم نذير تارڙ وڌيڪ ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ 27 هين آئيني ترميم کي جوائنٽ ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسان چاهيون ٿا ته بل جي هر شق تي تفصيلي بحث کانپوءِ حتمي راءِ سامهون اچي. قانون واري وزير ٻڌايو ته اتحادي پارٽين سان ڀرپور مشاورت کانپوءِ ئي هن آئيني ترميم جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي، چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ به آئيني عدالت جي قيام تي اتفاق راءِ ٿيو هو ۽ هاڻي ان کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته تجويز ڪيل ترميمن تحت ججن جي بدلين بابت معاملن کي جڊيشل ڪميشن جي حوالي ڪيو پيو وڃي ته جيئن شفاف، غيرجانبدار ۽ موثر نظام جوڙي سگهجي. ماضي ۾ ان سلسلي ۾ ڪيترائي اعتراض اٿاريا ويا ته وزيراعظم يا صدر جي ڪردار سان شفافيت متاثر ٿيندي آهي، ان لاءِ هاڻي اها ذميواري عدالتي ڪميشن کي ڏني پئي وڃي. اعظم نذير تارڙ چيو ته آرٽيڪل 243 تحت فوجي مقررين بابت ماضي جي تجربن اسان کي گهڻو ڪجهه سيکاريو، اسٽريٽجڪ ۽ دفاعي معاملن تي خطي جي ملڪن ۾ هميشه بحث ٿيندو رهي ٿو.، هاڻوڪي پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ اسان کي واضح سبق ڏنو آهي ته هاڻي جنگ جي حڪمت عملي مڪمل طور تبديل ٿي چڪي آهي، هن وضاحت ڪئي ته هن ترميمن ذريعي ڪيترن ئي فوجي ۽ اعزازي عهدن کي آئين ۾ واضح طور شامل ڪرڻ جي تجويز آهي. ان ۾ فيلڊ مارشل، ايئر چيف ۽ نيول چيف جهڙا اعليٰ اعزازي عهدا شامل آهن. دنيا جي ٻين ملڪن به اهو رواج موجود آهي ته قومي هيروز کي انهن جي ڪارنامن تي اعزازي يا يادگاري عنوان سان نوازيو وڃي ٿو. هن چيو ته هي اعزاز صرف فوجي رينڪ نه پر قومي خدمتن جو اعتراف آهن، انهن عهدن جو تعلق عزت ۽ احترام سان آهي، انهن جي ڪمانڊ ۽ ذميواريون قانون موجب ريگوليٽ هونديون ۽ ان حوالي سان ضروري ترميمون پارليامينٽ آڏو رکيون وينديون. اعظم نذير تارڙ چيو ته آئين ۾ ڪنهن به ترميم جو مستقل حصو بڻجڻ لاءِ 2 ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظوري گهربل هوندي آهي ۽ حڪومت ان اصول جي مڪمل پاسداري ڪندي. وفاقي وزير چيو ته 27 هين آئيني ترميم قومي اتفاق راءِ سان ڪئي پئي وڃي، جنهن جو مقصد عدل جي نظام، قانون کي وڌيڪ موثر، منصفاڻو ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته بلوچستان ۽ سنڌ ڪابينا جي ڳاڻيٽي ۾ واڌ جي تجويز ڏني آهي، انهن صوبن جي سفارش موجب ڪابينا جو ڳاڻيٽو موجوده 11 سيڪڙو مان وڌائي 13 سيڪڙو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته آرٽيڪل 243 جي حوالي سان به تفصيلي بحث ٿيو آهي، جيڪو قومي سلامتي ۽ دفاعي ڍانچي بابت آهي. هن جو چوڻ هو ته ان قسم جي اسٽريٽجڪ معاملن تي اسان کي پوري احتياط، عزت ۽ ذميواري سان ڳالهائڻ گهرجي. چونڊ سڌارن جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته سينيٽ جون چونڊون هڪ ئي وقت منعقد ڪيون وينديون ته جيئن ابهام ۽ غير يقيني واري صورتحال جو خاتمو ڪري سگهجي. هن چيو ته متحده قومي موومينٽ ۽ بلوچستان عوامي پارٽي ان حوالي سان ٻه ڌار بل متعارف ڪرايا آهن جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي طرفان به تجويزون سامهون آيون آهن، قانون واري وزير چيو ته اي اين پي جي اڳواڻ ايمل ولي خان تجويز ڏني ته صوبي جو نالو ”پختونخوا“ رکيو وڃي، جنهن کي بل جي بحث ۾ غور هيٺ آندو ويندو. اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سمورين تجويزن جو غور سان جائزو ورتو وڃي ته جيئن ترميم قومي اتفاق راءِ سان منظور ٿئي، اسان کي ان بل تي سياست نه پر آئيني استحڪام جي جذبي سان اڳتي وڌڻو آهي.











