اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت افغان ميڊيا جي پاڪستان مخالف ۽ گمراھه ڪندڙ خبرن جو پول کولي ڇڏيو

اسلام آباد - 08 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت افغان ميڊيا جي پاڪستان مخالف جعلي ۽ گمراھه ڪندڙ خبرن جو پول کولي ڇڏيو، ڪوڙ تي ٻڌل افغان سوشل ميڊيا اڪائونٽس پاڪ فوج تي مسجدن جي بي حرمتي جو بي بنياد الزام لڳايو. تفصيلن مطابق افغان سوشل ميڊيا ڪوڙي دعويٰ ڪئي ته پاڪ فوج مسجد ۽ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي، افغان اڪائونٽس طرفان …

اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت افغان ميڊيا جي پاڪستان مخالف جعلي ۽ گمراھه ڪندڙ خبرن جو پول کولي ڇڏيو، ڪوڙ تي ٻڌل افغان سوشل ميڊيا اڪائونٽس پاڪ فوج تي مسجدن جي بي حرمتي جو بي بنياد الزام لڳايو. تفصيلن مطابق افغان سوشل ميڊيا ڪوڙي دعويٰ ڪئي ته پاڪ فوج مسجد ۽ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي، افغان اڪائونٽس طرفان ويڊيو ۾ فوجي اھلڪارن تي مسجد ۾ ڪتن جي استعمال جو بي بنياد الزام لڳايو ويو. سڌ سماءِ واري وزارت پاڪستان بي بنياد ڪوڙ کي وائکو ڪندي واضح ڪيو ته ڪنھن پاڪستاني يا عالمي ميڊيا مسجد يا قرآن پاڪ جي مبينا بي حرمتي جي ڪا تصديق ناھي ڪئي، افغان اڪائونٽس باقاعدگي سان پاڪستان مخالف مواد شائع ڪري مذھبي جذبن کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. سوشل ميڊيا ويريفيڪيشن ٽول مطابق وائرل ويڊيو ڪنھن حقيقي فوٽيج جي بنياد تي نه پر اي آءِ ذريعي تيار ڪئي وئي آھي. سڌ سماءِ واري وزارت مطابق ڪوڙي مھم جي شروعات ھڪ سياسي بيان سان ٿي جنھن کي افغان اڪائونٽس وڌائي پيش ڪيو، عوامي رد عمل کانپوءِ، 14 ڪلاڪن بعد افغان اڪائونٽس اعتراف ڪيو ته ويڊيو اي آءِ ذريعي تيار ڪئي وئي ھئي. سڌ سماءِ واري وزارت مطابق افغان اڪائونٽس ڪوڙي معلومات جي بنياد تي مذھبي جذبن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رھيا آھن، ڀارت ۽ افغانستان ڪوڙي مواد ذريعي پاڪ فوج ۽ رياستي ادارن جي ساک کي نقصان پھچائڻ جي سازش ۾ مصروف آھن، پاڪستان ۽ پاڪ فوج خلاف ناڪاري پروپيگنڊا مھم ڀارتي ۽ افغان ميڊيا جي سازش بڻجي چڪو آھي.

مزید خبریں