بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ وفدن جي آمد جاري

اسلام آباد- 08 نومبر (اي پي پي) بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ مختلف ملڪن جي وفدن جي اسلام آباد آمد جو سلسلو جاري آهي، روانڊا جي پارلياماني عملي جي وفد جو معاون عملو به گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ جي سينئر آفيسرن روانڊا جي معاون عملي جي شاندار آجيان ڪئي. بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جو بندوبست سينيٽ چيئرمين سيد يوسف …

اسلام آباد- 08 نومبر (اي پي پي) بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ مختلف ملڪن جي وفدن جي اسلام آباد آمد جو سلسلو جاري آهي، روانڊا جي پارلياماني عملي جي وفد جو معاون عملو به گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ جي سينئر آفيسرن روانڊا جي معاون عملي جي شاندار آجيان ڪئي. بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جو بندوبست سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت ۽ پارلياماني سفارتڪاري کي هٿي وٺائڻ واري عزم جو مظهر آهي. اها ڪانفرنس 12 کان 14 نومبر تائين اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي جنهن ۾ مختلف ملڪن جا اسپيڪرز ۽ پارلياماني وفد شرڪت ڪندا.

مزید خبریں