ڀارتي ميڊيا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ائٽمي تجربن بابت بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهيو آهي ۽ حقيقتن کي غلط انداز ۾ پيش ڪري گمراهه ڪندڙ مهم هلائي رهيو آهي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 07 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته ڀارتي ميڊيا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ائٽمي تجربن بابت بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهيو آهي ۽ حقيقتن کي غلط انداز ۾ پيش ڪري گمراهه ڪندڙ مهم هلائي رهيو آهي. آمريڪي عملدار اڳ ۾ ئي صدر ٽرمپ جي بيان جي حوالي سان پنهنجي پوزيشن واضح ڪري چڪا آهن. پرڏيهي آفيس …

اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته ڀارتي ميڊيا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ائٽمي تجربن بابت بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهيو آهي ۽ حقيقتن کي غلط انداز ۾ پيش ڪري گمراهه ڪندڙ مهم هلائي رهيو آهي. آمريڪي عملدار اڳ ۾ ئي صدر ٽرمپ جي بيان جي حوالي سان پنهنجي پوزيشن واضح ڪري چڪا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان جا آخري ائٽمي تجربا مئي 1998ع ۾ ٿيا هئا ۽ ان حوالي سان پاڪستان جو موقف مستقل ۽ واضح آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي انهن قراردادن جي حمايت ڪندو رهيو آهي جن جو مقصد ائٽمي تجربن تي جامع پابندي هڻڻ آهي. هن چيو ته ڀارت پاران انهن قراردادن تي ووٽنگ ۾ ڪيترائي ڀيرا غيرحاضري ان جي غيرواضح ۽ مشڪوڪ ارادن کي ظاهر ڪري ٿي جيڪي مستقبل ۾ امڪاني ائٽمي تجربن بابت آهن. هن چيو ته پاڪستان جو ائٽمي پروگرام هڪ مضبوط ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول نظام تحت ڪم ڪري ٿو، جامع ايڪسپورٽ ڪنٽرولز رکي ٿو ۽ عالمي عدم ڦهلاءُ جي اصولن تي مڪمل طور تي عمل پيرا آهي. ”ڳجهي يا غيرقانوني ائٽمي سرگرمين“ جا الزام بي بنياد ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهن ۽ ڀارت جي ان گمراهه ڪندڙ مهم جو حصو آهن جنهن جو مقصد پنهنجي غيرذميواراڻي سرگرمين تان ڌيان هٽائڻ آهي. هن چيو ته ڀارت جو ائٽمي تحفظ ۽ سلامتي جي حوالي سان رڪارڊ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران حساس ائٽمي مواد ۽ شعاعي (ريڊيواڪٽيو) مادن جي چوري ۽ غيرقانوني اسمگلنگ جا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن جن سان ڀارت جي پنهنجي ٺڪاڻن جي تحفظ ۾ سنگين ڪمزوريون بي نقاب ٿيون آهن. هن چيو ته تازن سالن ۾ به ڀاڀا ائٽمي جاچ مرڪز (BARC) جو ريڊيواڪٽيو سامان ۽ ”ڪيلي فورنيم“ نالي انتهائي تابڪار مادو جنهن جي ماليت 10 ڪروڙ آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ هئي، ڀارت ۾ وڪري جي لاءِ دستياب هو. هن چيو ته اهڙا بار بار پيش ايندڙ واقعا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته ڀارت ۾ حساس ۽ ٻٽي نوعيت جي ائٽمي مواد جي لاءِ هڪ سرگرم بليڪ مارڪيٽ موجود آهي. هن زور ڏنو ته عالمي برادري کي انهن خطرناڪ سيڪيورٽي خال جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي ڇو ته اهي علائقائي ۽ عالمي سلامتي ٻنهي جي لاءِ سنگين خطرو آهن.

مزید خبریں