دوحه / اسلام آباد - 07 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري عورتن جي بااختياري جي لاءِ ”پرنسس صبيحه بنت ابراهيم الخليفه گلوبل ايوارڊ“ جي ٽئين تقريب ۾ شرڪت ڪئي جيڪا گڏيل قومن جي عورتن بابت اداري ۽ بحرين جي عورتن بابت سپريم ڪائونسل جي حصيداري سان قطر نيشنل ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿي. ان موقعي تي خطاب ڪندي خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري …
پاڪستان ۾ ڇوڪرين جي تعليم، هنرمندي، معاشي شموليت ۽ ڊيجيٽل بااختياري جي فروغ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري

مزید خبریں
دوحه / اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري عورتن جي بااختياري جي لاءِ ”پرنسس صبيحه بنت ابراهيم الخليفه گلوبل ايوارڊ“ جي ٽئين تقريب ۾ شرڪت ڪئي جيڪا گڏيل قومن جي عورتن بابت اداري ۽ بحرين جي عورتن بابت سپريم ڪائونسل جي حصيداري سان قطر نيشنل ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿي. ان موقعي تي خطاب ڪندي خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ايوارڊ جي ويزن کي ساراهيندي بحرين جي عورتن جي حقن جي فروغ ۾ قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. هن مادر ملت محترمه فاطمه جناح ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان عورتن جي قيادت تي فخر محسوس ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڇوڪرين جي تعليم، هنرمندي، معاشي شموليت ۽ ڊيجيٽل بااختياري جي فروغ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان عورتن جي حقن بابت عالمي معاهدن بشمول عورتن جي خلاف هر قسم جي امتيازي سلوڪ جي خاتمي بابت ڪنوينشن، بيجنگ ڊيڪلريشن ۽ 2030ع جي لاءِ پائيدار ترقي جي هدفن جي ايجنڊا تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي. تقريب دوران خاتون اول بحرين جي عورتن بابت سپريم ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل، گڏيل قومن جي عرب رياستن بابت علائقائي ڊائريڪٽر معيذ دوريد ۽ گڏيل عرب امارات جي جنرل ويمنز يونين جي سيڪريٽري جنرل نوره خليفه السويدي سان ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ علائقائي تعاون جي فروغ، اداراجاتي حصيداري جي استحڪام ۽ عورتن جي معاشي ۽ سياسي شموليت جا موقعا وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خاتون اول چيو ته پاڪستان عورتن جي ترقي ۽ بااختياري جي لاءِ عالمي حصيدارن سان تعاون جاري رکندو.











