پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ استنبول ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ڊيڊ لاڪ، پاڪستان افغانستان سان ڳالهه ٻولهه ۾ ثالثي تي ترڪيه ۽ قطر جا ٿورا مڃيا آهن: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 07 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ استنبول ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ڊيڊ لاڪ، پاڪستان ڳالهه ٻولهه ۾ ثالثي تي ترڪيه ۽ قطر جا ٿورا مڃيا آهن، پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي ته افغانستان جي سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ جي ذميواري افغانستان تي لاڳو ٿئي ٿي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ …

اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ استنبول ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ڊيڊ لاڪ، پاڪستان ڳالهه ٻولهه ۾ ثالثي تي ترڪيه ۽ قطر جا ٿورا مڃيا آهن، پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي ته افغانستان جي سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ جي ذميواري افغانستان تي لاڳو ٿئي ٿي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان افغانستان سان ڳالهه ٻولهه ۾ ثالثي تي ڀائر ملڪن ترڪيه ۽ قطر جو شڪرگذار آهي، دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان پنهنجي پراڻي عالمي، علائقائي ۽ ٻطرفي واعدن جي پاسداري جي ذميواري افغانستان تي لاڳو ٿئي ٿي جنهن ۾ هو هيستائين ناڪام رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان افغان عوام جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪڌي خواهش نه ٿو رکي جڏهن ته پاڪستان ڪڏهن به افغان طالبان حڪومت جي اهڙي ڪنهن به قدم جي حمايت نه ڪندو جيڪو افغان عوام يا پاڙيسري ملڪن جي مفاد جي ابتڙ هجي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي عوام جي سلامتي ۽ خودمختياري جي تحفظ جي لاءِ سمورا ضروري قدم جاري رکندو.

مزید خبریں