اليڪشن ڪميشن پي ايس 9 شڪارپور-3 جي ننڍي چونڊ لاءِ پوسٽل بيلٽ پيپرز جون درخواستون وصول ڪرڻ لاءِ 25 نومبر آخري تاريخ مقرر ڪري ڇڏي

اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن پي ايس 9 شڪارپور-3 جي ننڍي چونڊ لاءِ پوسٽل بيلٽ پيپرز جون درخواستون وصول ڪرڻ لاءِ 25 نومبر آخري تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري بيان موجب قانون موجب اها سهولت سرڪاري ملازمن، آرمي جي آفيسرن/جوانن ۽ سندن ڪٽنب کي ميسر آهي جيڪي رجسٽرڊ ووٽرز آهن ۽ ساڻن گڏ رهندڙ آهن. شرط اهو آهي ته اهڙيءَ جڳهه تي رهندا هجن …

اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن پي ايس 9 شڪارپور-3 جي ننڍي چونڊ لاءِ پوسٽل بيلٽ پيپرز جون درخواستون وصول ڪرڻ لاءِ 25 نومبر آخري تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري بيان موجب قانون موجب اها سهولت سرڪاري ملازمن، آرمي جي آفيسرن/جوانن ۽ سندن ڪٽنب کي ميسر آهي جيڪي رجسٽرڊ ووٽرز آهن ۽ ساڻن گڏ رهندڙ آهن. شرط اهو آهي ته اهڙيءَ جڳهه تي رهندا هجن جيڪو ان جي چونڊ تڪ کان علاوه هجي. اهڙيءَ طرح معذور ماڻهو به ان سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهندا، جيڪو سفر ڪرڻ جي قابل نه هجي ۽ انهن وٽ نادرا طرفان جاري ڪيل جسماني معذوري جو لوگو ۽ شناختي ڪارڊ موجود هجي. اهي قيدي جيڪي جيل ۾ قيد يا حراست ۾ هجن اهي به پوسٽل بيلٽ جي استعمال جا حقدار آهن. ان کان علاوه اهي ماڻهو جن کي رٽرننگ آفيسر اليڪشن جي ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ لاءِ مقرر ٿيل هجن خاص ڪري پوليس اهلڪار جيڪي ووٽ ڏيڻ جا اهل آهن، انهن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته هو پنهنجي مقرريءَ جي 3 ڏينهن اندر پوسٽل بيلٽ لاءِ درخواست لاڳاپيل رٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائين. ترجمان موجب پوسٽل بيلٽ جي درخواست مقرر فارم تي لاڳاپيل چونڊ تڪ جي درج ڪيل آفيس ۾ جمع ڪرائين. پوسٽل بيلٽ جو فارم اليڪشن ڪميشن جي ويب سائٽ تان پڻ ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو. اهي ووٽر جن کي پوسٽل بيلٽ جاري ڪيو وڃي ٿو اهي پولنگ اسٽيشن تي ووٽ وجهڻ جا اهل نه هوندا. ترجمان موجب پوسٽل بيلٽ جي درخواست ووٽر جي لاڳاپيل آفيس/کاتي طرفان تصديق ٿيڻ لازمي هجي ته جيئن اڻ لاڳاپيل ماڻهو پوسٽ بيلٽ لاءِ درخواست نه ڏئي سگهن.

مزید خبریں