باڪو - 07 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ پنهنجي گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪاراباخ جي آزادي جي جنگ ۾ آذربائيجان جي فتح کي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪندڙ مظلوم عوام، خاص طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطيني عوام جي …
وزيراعظم شهباز شريف جي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات، واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
باڪو – 07 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ پنهنجي گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪاراباخ جي آزادي جي جنگ ۾ آذربائيجان جي فتح کي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪندڙ مظلوم عوام، خاص طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ اميد جي روشني قرار ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي وچ ۾ ملاقات آذربائيجان جي صدارتي محل ۾ ٿي جنهن ۾ پاڪ فوج جو سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. وزيراعظم آذربائيجان جي فتح جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي آذربائيجان جي صدر جا ٿورا مڃيا. هن آذربائيجان جي حڪومت ۽ عوام کي فتح جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏني جيڪو آرمينيا جي خلاف ڪاراباخ جي آزادي جي 44 ڏينهن واري جنگ ۾ تاريخي فتح جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته آذربائيجان جي فتح خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪندڙ مظلوم عوام خاص طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ اميد جي روشني آهي. ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ سياسي، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، رابطن ۽ دفاع جي شعبن ۾ پنهنجي گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي پنهنجي سهولت موجب پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جيڪا هن خوشي سان قبول ڪئي. وزيراعظم هن سال جي شروع ۾ آرمينيا سان تاريخي امن معاهدي تي صحيحون ڪرڻ تي صدر عليوف کي ساراهيو. صدر الهام عليوف ڪاراباخ جي علائقي تي غيرقانوني قبضي جي خلاف منصفاڻي جدوجهد ۾ آذربائيجان جي مسلسل حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي پڻ ساراهيو.











