اسلام آباد - 07 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪستان اومان گڏيل وزارتي ڪميشن جي اٺين اجلاس جي لاءِ پاڪستان جي ايجنڊا کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورن اهم شعبن ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، …
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي صدات ۾ اجلاس، پاڪستان اومان گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاس جي ايجنڊا کي حتمي شڪل ڏني وئي

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪستان اومان گڏيل وزارتي ڪميشن جي اٺين اجلاس جي لاءِ پاڪستان جي ايجنڊا کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورن اهم شعبن ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، توانائي، افرادي قوت جي برآمد ۽ سامونڊي تعاون تي ڌيان ڏيندي پاڪ اومان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع ۽ نتيجاخيز موقف تي زور ڏنو. هن اهم شعبن ۾ ايم او يوز، تعليم، لاجسٽڪس ۽ قونصلر معاملن ۾ تعاون کي وڌائڻ ۽ روانگي واپار سميت روزگار جي موقعن کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم جو خاص معاون ايم طارق باجوه، اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۽ گهرو معاملن وارن سيڪريٽرين کانسواءِ اومان ۾ پاڪستان جو سفير، پرڏيهي وزارت ۽ لاڳاپيل وزارتن جا سينيئر نمائندا شريڪ ٿيا.











