اسلام آباد - 07 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي بيڪر ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۾ مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڳالهه ٻولهه ۾ فلسطين ۽ وسيع وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ آمريڪا ۽ عرب اسلامي ملڪن جي ڪوششن تي …
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي بيڪر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي بيڪر ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۾ مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڳالهه ٻولهه ۾ فلسطين ۽ وسيع وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ آمريڪا ۽ عرب اسلامي ملڪن جي ڪوششن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.











