بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جا انتظام مڪمل، دنيا جي 40 کان وڌيڪ ملڪن جا پارلياماني اڳواڻ شريڪ ٿيندا

اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي)اسلام آباد ۾ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، دنيا جي 40 کان وڌيڪ ملڪن جا پارلياماني اڳواڻ شريڪ ٿيندا. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين جي صلاحڪار ميان خرم رسول چيو ته سينيٽ چيئرمين ۽ باني چيئرمين انٽر پارليامينٽري اسپيڪرز ڪانفرنس سيد يوسف رضا گيلاني جي ويزن ۽ رهنمائيءَ موجب ڪانفرنس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. …

اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي)اسلام آباد ۾ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، دنيا جي 40 کان وڌيڪ ملڪن جا پارلياماني اڳواڻ شريڪ ٿيندا. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين جي صلاحڪار ميان خرم رسول چيو ته سينيٽ چيئرمين ۽ باني چيئرمين انٽر پارليامينٽري اسپيڪرز ڪانفرنس سيد يوسف رضا گيلاني جي ويزن ۽ رهنمائيءَ موجب ڪانفرنس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. سينيٽ چيئرمين پاڻ روزانو جي بنياد تي ڪانفرنس جي تيارين ۽ انتظامي معاملن جو جائزو وٺي رهيو آهي. هن چيو ته انٽر پارليامينٽري اسپيڪرز ڪانفرنس پاڪستان لاءِ هڪ تاريخي ۽ سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو جنهن ۾ دنيا جي 40 کان وڌيڪ ملڪن جا اسپيڪرز، ڊپٽي اسپيڪرز ۽ پارلياماني نمائندا شريڪ ٿيندا. هن چيو ته ڪانفرنس امن، سيڪيورٽي ۽ ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ جي موضوع تي اسلام آباد ۾ 11 کان 12 نومبر تي منعقد ٿي رهيو آهي. ميان خرم رسول چيو ته سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني کي اپريل 2025ع ۾ سيئول، ڏکڻ ڪوريا ۾ ٿيل اجلاس دوران پارليامينٽري اسپيڪرز ڪانفرنس جو باني چيئرمين متفقه طور چونڊيو ويو هو، سڄي دنيا جي پارلياماني اڳواڻن متفقه طور سيد يوسف رضا گيلانيءَ کي ان عهدي لاءِ چونڊيو هو ۽ هي چونڊ عالمي پارلياماني برادري جو پاڪستان تي اعتماد ۽ احترام جو اظهار آهي. هن چيو ته ڪانفرنس دوران مختلف سيشنز ۾ پارلياماني سفارتڪاري سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

مزید خبریں