پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٻئي ڏينهن به جاري رهيو

ڪراچي - 07 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. خميس ڏينهن بلاول هائوس ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ ڪميٽي جي اجلاس ٿيو هو. بلاول هائوس پاران جاري بيان موجب سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن ڪارساز سانحي سميت سمورن جمهوريت جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي …

ڪراچي – 07 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. خميس ڏينهن بلاول هائوس ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ ڪميٽي جي اجلاس ٿيو هو. بلاول هائوس پاران جاري بيان موجب سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن ڪارساز سانحي سميت سمورن جمهوريت جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم بابت حڪومتي درخواست تي غور ڪيو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ملڪ جي مجموعي صورتحال تي پارٽي قيادت کي تجويزون پيش ڪيون. اجلاس ۾ سمورن ميمبرن ۽ خصوصي طور تي گهرايل اڳواڻن شرڪت ڪئي جن ۾ صدر آصف علي زرداري، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، فريال ٽالپر، سيد قائم علي شاهه، راجا پرويز اشرف، خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر، نثار کهڙو، سينيٽر شيري رحمان، سيد نويد قمر، مخدوم جميل الزمان، منظور وساڻ ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. جمعي نماز کانپوءِ ٻيهر شروع ٿيل اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا.

مزید خبریں