چيف جسٽس آف پاڪستان سان سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل صدر هارون الرشيد ۽ ٻين عهديدارن جي ملاقات

اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي نئين چونڊيل صدر هارون الرشيد، سيڪريٽري ملڪ زاهد اسلم اعواڻ ۽ ايسوسيئيشن جي 28 هين ڪابينا چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ عدالتي نظام ۾ بهتري ۽ وڪيلن جي ڀلائي ۽ ترقي بابت ڪيترن ئي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن آف پاڪستان طرفان …

اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي نئين چونڊيل صدر هارون الرشيد، سيڪريٽري ملڪ زاهد اسلم اعواڻ ۽ ايسوسيئيشن جي 28 هين ڪابينا چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ عدالتي نظام ۾ بهتري ۽ وڪيلن جي ڀلائي ۽ ترقي بابت ڪيترن ئي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب بار جي صدر تجويز ڏني ته  Advocates –on-Special-Cuase (ASCs) کي به اهڙي طرح ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي جيئن Advocates-on-Record (AORs) کي حاصل آهي. عوامي سهولت مرڪز ۾ خدمتن کي بهتر بنائڻ لاءِ بار جي صدر تجويز ڏني ته هڪ ڊپٽي رجسٽرار کي ضمانتي مچلڪن ۽ ٻين عدالتي معاملن جي حل لاءِ مقرر ڪيو وڃي. پڌرائي موجب ملاقات ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته عدالت ۽ بار وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو ته جيئن عدالتي ڪارڪردگي ۾ بهتري اچي ۽ عوام کي وقت سر انصاف جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي.

مزید خبریں