سينيٽر رانا ثناءُ الله طرفان ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن جي نائب صدر جي اعزاز ۾ ڊنر

اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُ الله ايف سي جي صدر ۽ فيفا جي نائب صدر شيخ سلمان بن ابراهيم خليفه جي اعزاز ۾ خاص ڊنر ڏنو. تقريب ۾ وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، هائوسنگ بابت وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني به شرڪت ڪئي. تقريب ۾ وفاقي سيڪريٽري محمد محي الدين واني، ڊي جي اسپورٽس ۽ پي ايف ايف …

اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُ الله ايف سي جي صدر ۽ فيفا جي نائب صدر شيخ سلمان بن ابراهيم خليفه جي اعزاز ۾ خاص ڊنر ڏنو. تقريب ۾ وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، هائوسنگ بابت وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني به شرڪت ڪئي. تقريب ۾ وفاقي سيڪريٽري محمد محي الدين واني، ڊي جي اسپورٽس ۽ پي ايف ايف فيڊريشن جي صدر محسن گيلاني پي ايف ايل جي صدر فرحان جوڻيجو پڻ شرڪت ڪئي. رانا ثناءُ الله طرفان شيخ سلمان بن ابراهيم خليفه ۽ سندس وفد کي پاڪستان پهچڻ تي دلي مبارڪون پيش ڪيون ۽ هن چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان جي گڏيل دوستي، احترام ۽ فٽبال کي هٿي وٺرائڻ گڏيل جذبي جي عڪاس آهي، رانديون سرحدن ۽ ثقافتن کان مٿانهون ٿي دلين کي جوڙين ٿيون. فيفا جي سينيئر نائب صدر جو اهو دؤرو پاڪستان ۾ فٽبال جي روشن مستقبل لاءِ اميد جي نئون ڪِرڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جا ناتا اخوت، ايمان، ثقافت ۽ گڏيل احترام جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن پاڪ، بحرين دوستي سفارتڪاري کان ڪيترائي ڀيرا اڳتي آهي، اها واپار، بچاءَ، تعليم ۽ هاڻ راند جي ميدان ۾ ويجهن ناتن جي صورت ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ان موقعي تي شيخ سلمان بن ابراهيم چيو ته پاڪستان حڪومت، وزيراعظم پاڪستان ۽ـ سينيٽر رانا ثناءُ الله جو دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان جنهن نهايت محبت سان اسان جو استقبال ڪيو. هن چيو ته مان اميد ڪريان ٿو ته هي دؤرو پاڪستان ۽ اي ايف سي وچ ۾ ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائيندي فٽبال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ نئين دؤر جي شروعات ڪندو.

مزید خبریں