اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري گل اصغر خان چيو آهي ته حيدرآباد سکر موٽر وي جي ٻن سيڪشنن تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان مئي ۾ ڪم شروع ٿيندو، کاريان سيالڪوٽ موٽر وي 2028ع ۾ مڪمل ٿيندو. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران ڊاڪٽر شازيه صوبيه جي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته حيدرآباد سکر موٽر وي جي حوالي سان …
حيدرآباد سکر موٽر وي جي ٻن سيڪشنن تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان مئي ۾ ڪم شروع ٿيندو: مواصلات بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري

مزید خبریں
اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري گل اصغر خان چيو آهي ته حيدرآباد سکر موٽر وي جي ٻن سيڪشنن تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان مئي ۾ ڪم شروع ٿيندو، کاريان سيالڪوٽ موٽر وي 2028ع ۾ مڪمل ٿيندو. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران ڊاڪٽر شازيه صوبيه جي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته حيدرآباد سکر موٽر وي جي حوالي سان خوشخبري آهي ته هي 400 ارب رپين جو منصوبو آهي، 2022ع ۾ ٺيڪي کانپوءِ ملڪ جي صورتحال سبب ڪنٽريڪٽر ڀڄي ويا، هاڻ ان تي 5 سيڪشن بڻايا ويا آهن، ان جو سيڪشن فور ۽ فائيو کي ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. 2026ع ۾ ان تي ڪم شروع ٿيندو. سي پيڪ جي، جي سي سي جي اجلاس ۾ ان کي شامل ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ٻُڌايو ته سعودي ڊولپمينٽ فنڊ ۽ اوپيڪ سان سيڪشن 3 جي حوالي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، باقي 2 سيڪشنن تي اسان پرائيويٽ پبلڪ پارٽنرشپ ماڊل جي بنياد تي ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. مئي ۾ سکر حيدرآباد جي ٻن سيڪشنن تي ڪم شروع ڪيو ويندو. هن ٻُڌايو ته حيدرآباد ڪراچي ايم 9 جي فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي. ڪراچي اسان جي ترجيح آهي، ڪراچي چمن شاهراهه لاءِ 100 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن ٻُڌايو ته 69 ڪلوميٽر سيالڪوٽ کاريان موٽر وي ايف ڊبليو او تحت 2028ع ۾ مڪمل ٿيندو. اها پبلڪ پرائيويٽ ڀائيواريءَ سان بڻجي رهي آهي. اسان جي بورڊ فيصو ڪيو آهي ته التوا ۾ پيل منصوبو پبلڪ پرائيويٽ ڀائيواريءَ تي منتقل ڪنداسين. سيڪيورٽي بائيڪس جو منصوبو ڪامياب نه ٿي سگهيو ان کي بند ڪيو ويو آهي، ان کي ڪافي مسئلا آهن. باڙ مڪمل ڪئي وئي آهي. مولانا عبدالغفور جي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو بلوچستان ۾ ٽول پلازه لڳايون ٿا ته اهي ڌماڪي سان اُڏايا وڃن ٿا. جيڪڏهن روينيو نه ايندو ته پبلڪ پرائيويٽ ڀائيواري نه ٿي سگهندي.











