اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته گڏيل عرب امارتن سان ڊپلوميٽڪ ۽ پروفيشنل پاسپورٽ تي ويزا فري انٽري جو معاهدو ٿيو آهي، ڪجهه ضلعن ۾ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث هئڻ سان اُتي ويزا جي فراهمي تي سختي آهي، ان ۾ نرميءَ لاءِ ڪوشان آهيون. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران شير افضل مروت جي سوال جي جواب …
گڏيل عرب امارتن سان ڊپلوميٽڪ ۽ پروفيشنل پاسپورٽ تي ويزا فري انٽري جو معاهدو ٿيو آهي: پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته گڏيل عرب امارتن سان ڊپلوميٽڪ ۽ پروفيشنل پاسپورٽ تي ويزا فري انٽري جو معاهدو ٿيو آهي، ڪجهه ضلعن ۾ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث هئڻ سان اُتي ويزا جي فراهمي تي سختي آهي، ان ۾ نرميءَ لاءِ ڪوشان آهيون. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران شير افضل مروت جي سوال جي جواب ۾ ٻُڌايو ته پرڏيهي سفارتخانن جي ڪنهن به قسم جي بقايا يا ڪِرايو بقايا ناهي. پرڏيهي وزير جي مسلسل ڪوششن کانپوءِ يو اي اي سان ڊپلوميٽڪ ۽ پروفيشنل پاسپورٽ تي ويزا فري انٽري جو معاهدو ٿيو آهي. يو اي اي پهرين ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ جي ويزا فري انٽري تي راضپو ظاهر ڪيو پر پاڪستان رضامندي نه ڏيکاري. هن ٻُڌايو ته يو اي اي ۾ ڪجهه اهڙن ضلعن ۾ قانون مخالف سرگرمين ۾ ملوث هئڻ سبب انهن ضلعن مان ويزا جي فراهمي ۾ سختي آهي، جتي ماڻهو ڊي پورٽ به ٿيا. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته ويزا پاليسي ۾ نرمي آندي وڃي. ان تي ڳالهيون جاري آهن ۽ ان تي وڏي محنت ڪئي پئي وڃي.











