اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي)سينيٽ فيڊرل پراسيڪيوشن سروس(ترميمي) بل 2025ع منظور ڪري ورتو آهي. سينيٽ اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ اها رٿ پيش ڪئي ته فيڊرل پراسيڪيوشن سروس (ترميمي) بل 2025ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. رٿ جي منظوري کانپوءِ هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو. صدر نشين ايوان مان …
سينيٽ پاران فيڊرل پراسيڪيوشن سروس (ترميمي) بل سميت مُختلف بل منظور، نيب (ترميمي) بل 2023ع واپس

مزید خبریں
اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي)سينيٽ فيڊرل پراسيڪيوشن سروس(ترميمي) بل 2025ع منظور ڪري ورتو آهي. سينيٽ اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ اها رٿ پيش ڪئي ته فيڊرل پراسيڪيوشن سروس (ترميمي) بل 2025ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. رٿ جي منظوري کانپوءِ هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو. صدر نشين ايوان مان بل جي شق وار منظوري ورتي، جنهن کانپوءِ ايوان بل جي منظوري ڏني. جڏهن ته مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ رٿ پيش ڪئي ته ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (ترميمي) بل 2025ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي جنهن جي ايوان منظوري ڏني. رٿ جي منظوري کانپوءِ هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو، صدر نشين ايوان مان بل جي شق وار منظوري ورتي جنهن کان پوءِ ايوان بل منظور ڪري ورتو. جڏهن ته سينيٽ ۾ قومي احتساب (ترميمي) بل 2023ع واپس ورتو ويو، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ قومي احتساب (ترميمي) بل 2023ع واپس وٺڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.











