اسلام آباد - 07 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي ۽ اهو هن وقت دنيا کي درپيش سڀ کان وڏو چئلينج آهي. هڪ تقريب کي خطاب ڪندي بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان جو عالمي سطح تي ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ رڳو هڪ سيڪڙو حصو …
پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي ۽ اهو هن وقت دنيا کي درپيش سڀ کان وڏو چئلينج آهي. هڪ تقريب کي خطاب ڪندي بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان جو عالمي سطح تي ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ رڳو هڪ سيڪڙو حصو وجهي ٿو تنهن هوندي به موسمياتي تبديلي جا منفي اثر سڀ کان وڌيڪ پاڪستان تي پئجي رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ هر سال ايندڙ ٻوڏ، ٻيلن جي واڍيءَ ۽ ٻيا ماحولياتي مسئلا ان بحران کي وڌيڪ سنگين ڪري رهيا آهن، اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته دنيا جو ماحول هڪ ئي آهي ڀلي اهو جرمني، فرانس يا انگلينڊ هجي، سڀني جي آبهوا هڪ ٻئي سان واڳيل آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ترقي يافته ملڪن ۾ فضائي آلودگي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ خرچ ڪيل وڏي رقم موسمياتي تبديلي کان متاثر ملڪن ۾ استعمال ڪئي وڃي ته ان جا نتيجا ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ موثر ۽ پائيدار ثابت ٿي سگهن ٿا.











