اسلام آباد - 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ گوگل پاران آفيس قائم ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته هريپور ۾ گوگل جي مصنوعات جي اسيمبلي لائين قائم ڪرڻ خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته گوگل جهڙيون عالمي آءِ ٽي ڪمپنيون پاڪستان ۾ ڪاروبار ۾ آساني ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي حڪومت …
وزيراعظم پاران پاڪستان ۾ گوگل پاران آفيس قائم ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي آجيان

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ گوگل پاران آفيس قائم ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته هريپور ۾ گوگل جي مصنوعات جي اسيمبلي لائين قائم ڪرڻ خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته گوگل جهڙيون عالمي آءِ ٽي ڪمپنيون پاڪستان ۾ ڪاروبار ۾ آساني ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪري رهيون آهن. هن چيو ته آءِ ٽي مصنوعات جي مقامي تياري سان نه رڳو پاڪستاني عوام جي لاءِ اهي مصنوعات سستيون ٿينديون پر انهن جي برآمدي صنعت جي ترقي سان پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته پهرين ڏينهن کان پاڪستان کي ڊيجيٽل نيشن بڻائڻ جي لاءِ قدمن کي اولين ترجيح ڏني، نوجوانن کي آءِ ٽي شعبي ۾ بااختيار بڻائڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، گوگل پاران پاڪستاني نوجوانن کي آءِ ٽي جي تربيت جي مفاهمتي يادداشت ان سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت هڪ لک باصلاحيت نوجوانن کي ليپ ٽاپس فراهم ڪري انهن کي آءِ ٽي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ وسيلا فراهم ڪري رهي آهي، سڄي ملڪ ۾ نوجوانن بشمول عورتن جي لاءِ آءِ ٽي شعبي جا تربيتي پروگرام جاري آهن. وزيراعظم چيو ته تربيتي پروگرامز سان نوجوانن جي عالمي سروس انڊسٽري ۾ چٽاڀيٽي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ نوجوان باعزت روزگار ۾ پاڻڀرا ٿي رهيا آهن، پاڪستان کي خطي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو مرڪز بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن تي ڪم تيزي سان جاري آهي. هن ملڪ ۾ آءِ ٽي شعبي جي ترقي جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.











