صحت واري وفاقي وزير سان آر سي سي آءِ جي صدر پاران نمائندن سان گڏ ملاقات

راولپنڊي-07 نومبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان آر سي سي آءِ جي صدر عثمان شوڪت دوا سازي جي شعبي جي نمائندن سان گڏ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊي آر اي پي جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر عبدالله به موجود هو. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال ۽ مينيوفيڪچرنگ لينڊ اسڪيپ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت ۽ فارما انڊسٽري وچ ۾ تعاون وڌائڻ …

راولپنڊي-07 نومبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان آر سي سي آءِ جي صدر عثمان شوڪت دوا سازي جي شعبي جي نمائندن سان گڏ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊي آر اي پي جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر عبدالله به موجود هو. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال ۽ مينيوفيڪچرنگ لينڊ اسڪيپ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت ۽ فارما انڊسٽري وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ان موقعي تي آر سي سي آءِ جي صدر عثمان شوڪت وفاقي وزير کي راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي دوري جي دعوت ڏني، جنهن کي وفاقي وزير قبول ڪري ورتو.

مزید خبریں