سرڪاري کاتي طرفان ترقياتي عمل ۾ دير جي ذميواري ملازمن تي نٿي وجهي سگهجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان خيبرپختونخوا سروس ٽربيونل پشاور جي فيصلي کي برقرار رکندي قرار ڏنو آهي ته سرڪاري کاتي طرفان ترقي جي عمل ۾ دير جي ذميواري ملازمن تي نٿي وجهي سگهجي ۽ اهڙا ملازم جن مقرر قاعدن موجب ترقي لاءِ اهليت حاصل ڪري ورتي هجي انهن جي ترقي جي حق تي نوان قاعدا لاڳو ٿيڻ باوجود ختم نٿو ڪري سگهجي. سپريم ڪورٽ ان …

اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان خيبرپختونخوا سروس ٽربيونل پشاور جي فيصلي کي برقرار رکندي قرار ڏنو آهي ته سرڪاري کاتي طرفان ترقي جي عمل ۾ دير جي ذميواري ملازمن تي نٿي وجهي سگهجي ۽ اهڙا ملازم جن مقرر قاعدن موجب ترقي لاءِ اهليت حاصل ڪري ورتي هجي انهن جي ترقي جي حق تي نوان قاعدا لاڳو ٿيڻ باوجود ختم نٿو ڪري سگهجي. سپريم ڪورٽ ان ڏس ۾ ڪيل لکت وارو فيصلو جاري ڪيو. سپريم ڪورٽ طرفان رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري فيصلي موجب جسٽس مسرت هلالي جي سربراهي ۾ بينچ سول پٽيشنرز ليو ٽو اپيل نمبر 700 پي ۽ 701 پي آف 2024ع ۾ فيصلو ٻڌائيندي خيبرپختونخوا ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس ڊپارٽمينٽ جون اپيلون خارج ڪري ڇڏيون. اهي اپيلون سروس ٽربيونل جي ان فيصلي خلاف داخل ڪيون ويون هيون، جن ۾ ٻن سب انجنيئرز (عنايت الله ۽ سميع الدين) جون اپيلون منظور ڪيون ويون هيون ۽ کين اسسٽنٽ انجنيئر (گريڊ 17) جي عهدي تي ترقي جو حقدار قرار ڏنو ويو هو. فيصلي ۾ چيو ويو ته ٻئي ملازم 1986ع ۾ سب انجينئرز (گريڊ 12) طور مقرر ٿيا هئا ۽ بعد ۾ گريڊ 16 ۾ اپ گريڊ ڪيا ويا. سندن ترقي لاءِ ڪاغذ تيار ڪيا ويا هئا پر اداري ڊي پي سي (Departmental Promotion Committee) جي گڏجاڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ان بنياد تي ترقي جي نون قاعدن تي غور جاري آهي. ان کانپوءِ جنوري 2023ع ۾ نوان قاعدا لاڳو ٿيا جن تحت هو ترقي جا اهل نه رهيا. عدالت قرار ڏنو ته جيڪي ملازم قاعدي موجب ترقي جا اهل قرار ڏنا ويا آهن انهن جو اهو حق نوان قاعدا لاڳو ٿيڻ باوجود متاثر نٿو ٿي سگهي. اداري جي دير ملازمن خلاف استعمال نٿي ڪري سگهجي، فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪنهن به قاعدي يا قانون ۾ تبديلي بنيادي طور تي (Prospective) طور لاڳو ٿيندي آهي جيستائين قانون ۾ واضح طور ان جي ماضي کان لاڳو (Retrospective effect) جي اجازت نه ڏني وئي هجي. آخر ۾ عدالت چيو ته ادارو ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جي گڏجاڻي ڄاڻي واڻي ملتوي نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي نئين ترميمن جي آڙ ۾ اهل ملازمن جي ترقي واري حق کي ختم ڪري سگهي ٿو.

مزید خبریں