اسلام آباد - 07 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جڪارتا ۾ اسڪول جي مسجد ۾ ڌماڪي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف عالمي ڪوششن ۾ انڊونيشيا سان گڏ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خلاف وڏيون قربانيون ڏئي چڪي آهي. هن چيو ته دهشتگردي منهنجي …
صدر پاران جڪارتا ۾ اسڪول جي مسجد ۾ ڌماڪي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد - 07 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جڪارتا ۾ اسڪول جي مسجد ۾ ڌماڪي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف عالمي ڪوششن ۾ انڊونيشيا سان گڏ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خلاف وڏيون قربانيون ڏئي چڪي آهي. هن چيو ته دهشتگردي منهنجي پنهنجي زندگي کي پڻ شديد متاثر ڪيو پر ڪڏهن به همٿ نه هاري. صدر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.











