اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر ٻار کي 13 بيمارين جي ويڪسين لڳائي ويندي آهي، 3 لک 97 هزار ٻارن کي هڪ به ويڪسين ناهي لڳي جڏهن ته 4 لک 63 هزار ٻارن کي 13 مان ڪجهه ويڪسين لڳي آهي. اهڙو اظهار هن فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف اميونائزيشن ۾ 118 موبائيل وين جي ويڪسينيشن مهم لاءِ صوبن …
پاڪستان ۾ هر ٻار کي 13 بيمارين جي ويڪسين لڳائي ويندي آهي: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر ٻار کي 13 بيمارين جي ويڪسين لڳائي ويندي آهي، 3 لک 97 هزار ٻارن کي هڪ به ويڪسين ناهي لڳي جڏهن ته 4 لک 63 هزار ٻارن کي 13 مان ڪجهه ويڪسين لڳي آهي. اهڙو اظهار هن فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف اميونائزيشن ۾ 118 موبائيل وين جي ويڪسينيشن مهم لاءِ صوبن ڏانهن موڪلڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ 3 لک 97 هزار ٻارن کي ويڪسين ناهي لڳي. جن ٻارن جي ويڪسينيشن ٿي ويندي آهي اهي 13 بيمارين کان محفوظ ٿي ويندا آهن، 4 لک 63 هزار ٻارن کي ڪجهه بيمارين کان بچاءُ جا ٽڪا لڳي سگهيا آهن. هن چيو ته سمورن ٻارن کي 13 مختلف بيمارين کان بچائڻ لاءِ ويڪسينيشن مڪمل ڪرائڻي پوندي. جيڪڏهن لکين ٻارن جي ويڪينسيشن نه ٿيندي ته اسپتالون ڀرجي وينديون. هن چيو ته 118 گاڏيون صوبن ڏانهن موڪلي رهيا آهيون ته جيئن هر ٻار جي ويڪسينيشن ممڪن بڻائي سگهون، 8 لک ٻارن جي حالت ڌيان جوڳي آهي، انهن کي 13 مان ڪا به بيماري لڳي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان اسپتالون ٺاهي مريضن جو انتظار ڪرڻ بدران ماڻهن کي بيمارين کان بچايون، 24 ڪروڙ ماڻهو آهن، هر سال 65 لک ٻار پيدا ٿي رهيا آهن، هر گهٽي جي ڪنڊ ۾ اسپتال ٺاهي وٺو، علاج جي ضرورت پوءِ به پوري نه ٿيندي، حفاظتي ٽڪن واري موبائيل وينز جو مقصد اهڙن ٻارن جي گهرن تائين وڃڻ آهي جيڪي ويڪسين کان محروم آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 30 لک ماڻهو بيمارين سبب غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا، هڪ ڪروڙ 30 لک خاندان غريب نه هئا، بيماري سبب اهي غريب ٿي ويا، ماڻهن جا گهرو وڪرو ٿيا ويا، سامان وڪرو ٿي ويو، هن چيو ته ويڪسين لاءِ 1166 نمبر ڊائل ڪري ٽيم کي گهر گهرائي حفاظتي ٽڪا لڳرايو جيڪڏهن ڪنهن جاءِ تي ٻار جي ويڪسينيشن لاءِ اسان جي ٽيم نه پهچي سگهي ته والدين اسان سان رابطو ڪن، حڪومت اڪيلي ان نظام کي تبديل نٿي ڪري سگهي، والدين ۽ هر شهري صحتمند زندگي گذارڻ لاءِ سنجيده ٿين. هن چيو ته اسان مصيبت ۽ تڪليف ۾ شڪار ماڻهن جون ڏکيائون گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ اسان پنهنجي صلاحيتن موجب ايمانداري سان ڪم ڪري سگهون ٿا. اسان کي اسپتالن ۾ بيمارن جو انتظار ناهي ڪرڻو، اسان کي شهرين کي بيمار ٿيڻ کان بچائڻو آهي. هن چيو ته ڪٿي 53 ۽ ڪٿي 40 گاڏيون آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ رڳو هڪ هڪ گاڏي ناڪافي آهي. طئي ڪنداسين ته ڪنهن کي وڌيڪ گاڏيون ڏيڻيون آهن. تقريب ۾ پنجاب، خيبرپختونخوا، سنڌ ۽ بلوچستان جي نمائندن کي گاڏين جون چاٻيون ڏنيون ويون، جڏهن ته آزاد ڪشمير ، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد کي به گاڏي جون چاٻيون ڏنيون ويون.











