اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي تعاون سان اي ڪامرس گيٽ وي پاڪستان جي اهتمام هيٺ انٽرنيشنل ٽريڊ اينڊ انڊسٽريل فيئر(آءِ ٽي آءِ ايف) ايشيا منعقد ڪيو پيو وڃي، اها ٽن ڏينهن واري عالمي نمائش آءِ ٽي آءِ ايف ايشيا 2025ع جي 22 هين ايڊيشن جو لاهور ايڪسپو سينٽر ۾ شاندار آغاز آهي. صنعت، واپار ۽ سيڙپڪاري واري صوبائي وزير شافع …
خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي تعاون سان اي ڪامرس گيٽ وي پاڪستان جي اهتمام هيٺ انٽرنيشنل ٽريڊ اينڊ انڊسٽريل فيئر(آءِ ٽي آءِ ايف) ايشيا منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي تعاون سان اي ڪامرس گيٽ وي پاڪستان جي اهتمام هيٺ انٽرنيشنل ٽريڊ اينڊ انڊسٽريل فيئر(آءِ ٽي آءِ ايف) ايشيا منعقد ڪيو پيو وڃي، اها ٽن ڏينهن واري عالمي نمائش آءِ ٽي آءِ ايف ايشيا 2025ع جي 22 هين ايڊيشن جو لاهور ايڪسپو سينٽر ۾ شاندار آغاز آهي. صنعت، واپار ۽ سيڙپڪاري واري صوبائي وزير شافع حسين ٽن ڏينهن واري عالمي نمائش جو باقاعده افتتاح ڪيو. نمائش ۾ گڏيل عرب امارات، سعودي عرب ۽ چين جي صنعتڪارن ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن جي شرڪت متوقع آهي. ايونٽ ۾ انجنيئرنگ، مائنز اينڊ منرلز سميت مختلف صنعتي شعبن جي جديد مصنوعات ۽ ٽيڪنالاجيز شرڪت ڪندڙن جي نگاهه جو مرڪز رهيون. نمائش صنعتي پيداوار جي صلاحيت وڌائڻ ۽ عالمي معيار موجب مصنوعات جي تياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. عالمي نمائش جي ڪري صنعتي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي نون منصوبن سان گڏ روزگار جا موقعا به ميسر ايندا. اي ڪامرس گيٽ وي پاڪستان جي ايونٽ ڊائريڪٽر موجب ايس آءِ ايف سي جو موثر ڪردار ۽ علائقائي حصيداري، واپار ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، ايس آءِ ايف سي، معاشي استحڪام لاءِ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ صنعتي شعبن ۾ ترقي ۽ جدت لاءِ ڪوشان آهي.











