اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) مواصلات بابت پارلياماني سيڪريٽري گل اصغر خان چيو آهي ته اين ايڇ اي ۽ موٽر وي پوليس ۾ بلوچستان جي ڪوٽا 6 سيڪڙو آهي، اين ايڇ اي ۾ بدليون معمول موجب ٿي رهيون آهن ان ۾ ڪا به بي ضابطگي ناهي. عاليه ڪامران سوال اٿاريو ته اخبار جي رپورٽ موجب وزيراعظم سي اي آر ايس سي ٽئين فيز ۾ 170 ارب روپين جي بي …
اين ايڇ اي ۽ موٽر وي پوليس ۾ بلوچستان جي ڪوٽا 6 سيڪڙو آهي، بدلين ۾ ڪا به بي ضابطگي ناهي: گل اصغر خان

مزید خبریں
اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) مواصلات بابت پارلياماني سيڪريٽري گل اصغر خان چيو آهي ته اين ايڇ اي ۽ موٽر وي پوليس ۾ بلوچستان جي ڪوٽا 6 سيڪڙو آهي، اين ايڇ اي ۾ بدليون معمول موجب ٿي رهيون آهن ان ۾ ڪا به بي ضابطگي ناهي. عاليه ڪامران سوال اٿاريو ته اخبار جي رپورٽ موجب وزيراعظم سي اي آر ايس سي ٽئين فيز ۾ 170 ارب روپين جي بي ضابطگين تي چيئرمين سميت ڪجهه ماڻهن کي انهن جي کاتن ۾ واپس موڪلي ڇڏيو آهي، اهو سنگين نوعيت جو معاملو آهي، ان تي جاچ کان ايوان کي آگاهه ڪيو وڃي. ان جي جواب ۾ مواصلات بابت پارلياماني سيڪريٽري گل اصغر خان ٻڌايو ته ان ڪميٽي جي حتمي رپورٽ ناهي آئي، اين ايڇ اي ۾ بدليون معمول موجب ٿيون آهن جن کي اشو بڻايو پيو وڃي. انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ اچڻ تي ايوان کي آگاهه ڪيو ويندو. جمال خان ڪاڪڙ جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ اين ايڇ اي ۽ موٽر وي پوليس ڪم ڪري رهي آهي، ٻنهي ادارن ۾ 6 سيڪڙو ڪوٽا بلوچستان ۽ 7 سيڪڙو ڪوٽا مجموعي ميرٽ جو آهي ان مان به بلوچستان مان اميدوار شامل ٿي سگهن ٿا، موٽر وي ۾ بلوچستان مان 381 ملازم آهن، ڪل 7390 ملازم آهن، اهي ڪوٽا کان وڌيڪ 7.7 سيڪڙو بڻجن ٿا. اين ايڇ اي ۾ 86 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، 1880 ڪل ملازم آهن، هتي به 6 سيڪڙو آهي، هن ٻڌايو ته اين ايڇ اي جي روڊن جي ڪل ڊيگهه 14 هزار ڪلوميٽر مان 40 سيڪڙو بلوچستان ۾ آهي، اسان بلوچستان کي پنهنجي ترجيح ۾ رکيو آهي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته اين 5 جي ٽي روڊ تي 15 سيڪڙو معيشت جو دارومدار آهي، ان جي لائيف ختم ٿي وئي آهي، ان تي هڪ سئو ڪلوميٽر مان 5، 5 ڪلوميٽر ڪري تيزي سان ان جي تعمير ٿي رهي آهي، مسافرن جي سهولت لاءِ پاڻي وڌو ويندو آهي. هن ٻڌايو ته اسان جي حڪومت جي اچڻ تي وزارت ۾ ڊيپيوٽيشن تي پابندي لڳائي وئي آهي.











