اسلام آباد - 07 نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آھي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سڌيءَ ريت اڏامن جي شروعات جلدي ڪئي ويندي. ٻن خانگي ڪمپنين کي سڌيءَ ريت اڏامن جي بنگلاديش اجازت ڏئي ڇڏي آھي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وفقي دوران انجم عقيل خان جي سوال جي جواب ۾ ھن ايوان کي ٻڌايو ته بنگلاديش اسان جو برادر …
پاڪستان ۽ بنگلاديشن وچ ۾ سڌي ريت اڏامن جي شروعات جلدي ڪئي ويندي: پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آھي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سڌيءَ ريت اڏامن جي شروعات جلدي ڪئي ويندي. ٻن خانگي ڪمپنين کي سڌيءَ ريت اڏامن جي بنگلاديش اجازت ڏئي ڇڏي آھي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وفقي دوران انجم عقيل خان جي سوال جي جواب ۾ ھن ايوان کي ٻڌايو ته بنگلاديش اسان جو برادر ملڪ آھي، تازن ڏينھن ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ لاڳاپن ۾ نمايان بھتري آئي آھي، اعليٰ قيادت جي سطح تي به ڳالھيون ۽ رابطا ٿيا آھن، واپاري لاڳاپا به بھتر ٿي رھيا آھن. بنگلاديش طرفان ايئر سيال ۽ فلائي جناح کي آپريٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آھي، سڌي ريت اڏامون جلدي بحال ڪيون وينديون. ھن ٻڌايو ته واپار تي جوائنٽ ورڪنگ گروپ جوڙيو ويو آھي، بنگلاديش سان ھاڻي رابطن ۽ لاڳاپن ۾ بھتري سان ٻنھي پاسي جي چيمبرز جي وفدن جا دورا ٿيا، آمدني واپار ۽ روانگي واپار جي حوالي سان به جلدي معاملن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.











